بالي ووڊ کي ٻيو سلمان خان ملي ويو؟ 90ع واري ڏهاڪي جي سلمان خان سان هڪجهڙائي سبب فلمساز ساجد ناڊياڊوالا جو ننڍو پٽ سفيان ناڊياڊوالا سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. سندس تازيون تصويرون ۽ وڊيوز سامهون اچڻ کان پوءِ ڀارتي واهپيدارن جي وڏي انگ سندس چهري، وارن جي انداز ۽ مضبوط جسماني بناوت جي ڀيٽ سلمان خان سان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سفيان تازو ممبئيءَ ۾ فلم ’پريم ڪيٽانو‘ جي نمائش واري تقريب ۾ پنهنجي پيءُ ساجد ناڊياڊوالا ۽ ماءُ وردا خان ناڊياڊوالا سان گڏ پهتو، جتي سندس ملاقات سلمان خان سان پڻ ٿي. تقريب دوران ورتل تصويرون ۽ وڊيوز سامهون اچڻ کان پوءِ سلمان خان سان سندس هڪجهڙائي بابت بحث ٻيهر تيز ٿي ويو.
سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن سفيان خان کي سلمان خان جو ننڍي عمر وارو روپ قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن کيس 90ع واري ڏهاڪي جو سلمان خان سڏيو. ڪن ته مذاق ڪندي لکيو ته بالي ووڊ کي ٻيو سلمان خان ملي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کيس سلمان خان جو پٽ به سڏي ڇڏيو.
سفيان خان جي چهري جي بناوت، وارن جي انداز، مضبوط جسماني بناوت ۽ لباس پائڻ جي نموني کي به مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻايو ويو. ڪجهه ماڻهن سندس ڀيٽ سلمان خان سان ڪئي، جڏهن ته ڪجهه جو اهو به چوڻ هو ته هو پنهنجي پيءُ ساجد ناڊياڊوالا سان به گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو.