ڪترينا جو سندس جسماني بيهڪ بابت سوشل ميڊيا تي تنقيد جو ردعمل

لنڊن(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي اداڪارا ڪترينا ڪيف سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي ڪجهه هفتا اڳ سندس وڌيل وزن تي ٿيل تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڪترينا ٻار جي پيدائش کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ عوامي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي سندس جسماني بناوت بابت تبصرا ڪيا ويا هئا.

لنڊن ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ جي شين واري واپاري نالي جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪترينا ڪيف سڌيءَ ريت سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي مٿس ٿيل تنقيد جو ذڪر نه ڪيو، پر واضح ڪيو ته هوءَ اهڙين ڳالهين کي پنهنجي روزاني زندگيءَ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيندي آهي.

تقريب دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي 43 ورهين جي ڪترينا ڪيف چيو ته ڪڏهن دنيا اوهان جي واکاڻ ڪندي آهي، ته ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن اوهان کي پاڻ ئي پنهنجو سڀ کان وڏو همٿائيندڙ بڻجڻو پوندو آهي.

هن پنهنجي سوچ کي پنهنجي واپاري نالي جي نعري ”اِٽس اوڪي ٽو بي يو“ سان پڻ ڳنڍيو. سندس چوڻ هو ته اها ئي سوچ سندس خوبصورتيءَ وارين شين جي نعري جو بنياد آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اوهان جهڙا به آهيو، پاڻ کي قبول ڪريو ۽ پنهنجي موجوده شخصيت سان سچائيءَ سان پيش اچو.

هن وڌيڪ چيو ته زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ انسان جي شخصيت ۽ حالتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو وقت ايندو آهي، جڏهن اوهان هر ڪم بهترين نموني ڪري رهيا هوندا آهيو، جڏهن ته ڪڏهن ائين به محسوس ٿيندو آهي ته اوهان کان ڪجهه به صحيح نموني نه پيو ٿئي. ڪڏهن اوهان پاڻ کي پنهنجي بهترين حالت ۾ ڏسندا ۽ محسوس ڪندا آهيو، جڏهن ته ڪڏهن ان حالت تائين پهچڻ جي سفر ۾ هوندا آهيو.

ڪترينا چيو ته سندس خيال ۾ زندگيءَ جي انهن سڀني مرحلن کي پاڻ تي وڌيڪ بار وجهڻ کان سواءِ قبول ڪرڻ ۽ پاڻ کي حد کان وڌيڪ سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ بهتر آهي.

ياد رهي ته ڪترينا ڪيف گذريل مهيني امباني خاندان جي رهائشگاهه تي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ کيس سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي تنقيد ۽ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ جو منهن ڏسڻو پيو هو.

تنقيد ڪندڙن ان ڳالهه کي به نظرانداز ڪيو ته ڪترينا نومبر 2025ع ۾ پنهنجي پٽ ويهان کي جنم ڏنو هو ۽ ان وقت سندس ٻار جي پيدائش کي اڃا هڪ سال به پورو نه ٿيو هو. تنهن هوندي به، سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي ڪيترن ئي ماڻهن ڪترينا جو دفاع ڪيو ۽ سندس حمايت ۾ آواز اٿاريو.

فلمي دنيا ۾ به سندس ساٿي فنڪار حمايت لاءِ اڳتي آيا، جن ۾ سلمان خان، هرتڪ روشن، سمائره ريڊي ۽ سندريا رجنيڪانت شامل آهن.

You might also like