ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ وائيٽ هائوس ۾ موجود عورت روبوٽ يا خلائي مخلوق؟ انٽرنيٽ تي وڏو بحث

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ وائيٽ هائوس ۾ موجود هڪ ارب پتي واپاريءَ جي گهرواري پنهنجي حرڪتن ۽ چهري جي تاثرن سبب سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.

مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ڊيل جي سربراهه مائيڪل ڊيل جي گهرواري سوزن ڊيل 7 آڪٽوبر تي پنهنجي مڙس سان گڏ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس پهتي.

سوزن ڊيل اتي ٻارن لاءِ 6 ارب 25 ڪروڙ ڊالرن جي مالي سهائتا واري رٿا جي سلسلي ۾ موجود هئي. ان رقم مان لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ ٻارن جي سيڙپڪاريءَ وارن کاتن ۾ هر هڪ جي نالي تي 250 ڊالر جمع ڪرايا ويندا.

تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوءِ واهپيدارن سوزن ڊيل جي چهري جي تاثرن، هٿن جي حرڪتن ۽ بيهڻ جي انداز تي دلچسپ تبصرا ڪيا.

ڪجهه واهپيدارن سندس ظاهري شڪل ۾ تبديليءَ بابت به اندازا لڳايا. ڪن جو چوڻ هو ته سوزن انسان بدران ڪو روبوٽ لڳي رهي آهي، جڏهن ته ٻين کيس خلائي مخلوق جهڙي شڪل واري قرار ڏنو.

You might also like