لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، سڀاڻي کان 14 آڪٽوبر تائين لاهور، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُالدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد ۽ قصور ۾ برساتن جو امڪان آهي.
ترجمان موجب، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال ۽ ميانوالي ۾ به 14 آڪٽوبر تائين وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ فيصل آباد، خوشاب، ڀکر، سرگوڌا، جهَنگ ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ سڀاڻي کان 13 آڪٽوبر تائين برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي پنجاب موجب، برساتن دوران مري، گليات ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
You might also like