ڀارتي اداڪار نانا پاٽيڪر تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام هڻندڙ اداڪارا ۽ ماڊل تنوشري دتا، اداڪار جي موت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سندس نظر ۾ اهو شيطان جو موت آهي، ڇاڪاڻ ته شيطان سندس پويان پيل هو ۽ کيس تنگ ڪرڻ کان نٿي مڙيو.
نانا پاٽيڪر جي موت جي خبر تي ردعمل ڏيندي تنوشري دتا چيو ته هن اها خبر ٻڌي آهي، پر هن وقت هوءَ لکنئو ۾ پنهنجي مصروفيتن تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي، جتي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي اٿس ۽ اڄ سندس ڪم جو ڏينهن آهي.
تنوشري چيو ته هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سڌي ريت وڊيو جاري ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪم بابت مواد ونڊڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هاڻي کيس خدشو آهي ته سمورو ڌيان اداڪار جي موت ۽ ان بابت سندس ردعمل تي مرڪوز ٿي ويندو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجو ردعمل تڏهن ڏيندي، جڏهن کيس سمجهه ۾ ايندو ته ڪهڙي قسم جو ردعمل ڏيڻ گهرجي. هن وقت هوءَ اداڪار جي ڪٽنب سان ڏک جو اظهار ڪري ٿي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي تنوشري دتا هڪ ٻئي موقعي تي چيو ته جيڪڏهن سندس نظرئي سان ڏٺو وڃي ته اهو شيطان جو موت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو کيس تمام گهڻو تنگ ڪري رهيو هو.
هن ”مي ٽو“ مهم جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل پنج سال ڪيئن گذريا آهن، اهو رڳو هوءَ ئي ڄاڻي ٿي. کيس ذهني اذيت ڏني وئي، ايتري تائين جو سندس گاڏيءَ جون بريڪون به خراب ڪيون ويون.
ياد رهي ته تنوشري دتا ڪيترائي سال اڳ 2009ع ۾ ٺهندڙ فلم ”هارن اوڪي پليز“ جي عڪسبندي دوران نانا پاٽيڪر تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو هو. سندس چوڻ هو ته فلم جي عڪسبنديءَ دوران اداڪار ساڻس نامناسب ورتاءُ ڪيو هو.
ٻئي پاسي نانا پاٽيڪر انهن الزامن کي رد ڪندي انهن کي ڪوڙو قرار ڏنو هو ۽ مختلف پروگرامن ۾ اداڪارا کي مخاطب ڪندي چوندو رهيو هو ته تنوشري رڳو اهو ٻڌائي ته ان کي هراسان ڇا لڳو آهي؟، ان جي نظر ۾ مون اهڙو ڇا ڪيو آهي جيڪو هراساني جي ذمري ۾ اچي ٿو.