پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش، علي محمد خان جو اسپيڪر اياز صادق سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته هن جمعي جي صبح قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان رابطو ڪري ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جيئن ڪنهن امڪاني ڇڪتاڻ يا نقصان کان اڳ ڳالهين جو رستو ڪڍي سگهجي.
علي محمد خان موجب، هن اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي درخواست ڪئي ته هو ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جيئن ڪنهن به نقصان کان بچي سگهجي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي به ڳالهين ۾ رنڊڪ يا ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ته نقصان ٿيڻ کان اڳ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، جيڪو بهتر قدم هوندو.
علي محمد خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ پرامن جماعت آهي ۽ هو نٿا چاهين ته ڪنهن کي به ڪا تڪليف پهچي.
رپورٽ موجب، اسپيڪر جي آفيس طرفان اڃا تائين ان ملاقات جا تفصيل يا اسپيڪر جو موقف جاري نه ڪيو ويو آهي.

You might also like