بنگلاديش ۾ پينو فقير جي 21 شادين جي دعويٰ

بنگلاديش ۾ پنڻ ذريعي گذارو ڪندڙ 35 ورهين جو هڪ شخص پنهنجي 21 شادين جي حيران ڪندڙ دعويٰ سبب سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي وائرل ٿي ويو.

مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مورو ميان نالي بنگلاديشي شخص دعويٰ ڪئي آهي ته سندس 21 زالون آهن، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته کيس پنهنجي سڀني زالن جا نالا به ياد ناهن.

مورو ميان جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به پاڻ ڪنهن عورت کي شادي جي آڇ نه ڪئي، پر عورتون ئي پاڻ وٽ شاديءَ جو سنيهو کڻي اينديون هيون.

هن موجب، هو ڪنهن به عورت کي انڪار نه ڪري سگهندو هو، تنهنڪري شاديءَ جون سموريون آڇون قبول ڪندو ويو ۽ اهڙيءَ ريت سندس زالن جو انگ وڌي 21 تائين پهچي ويو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايتريون شاديون ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ مورو ميان اڄ به هڪ ڪمري واري جهوپڙي ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي ڪٽنب جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بنيادي طور پنڻ تي ڀاڙي ٿو.

واضح رهي ته مورو ميان جي 21 شادين واري دعويٰ جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي ۽ اها رڳو سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي گردش ڪندڙ دعويٰ آهي.

You might also like