راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اڱاري ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
پاڪستان فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، خطي جي موجودا سيڪيورٽي صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انتونيو گوتريس علائقائي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي خاص طور ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ ۽ افغانستان مان جنم وٺندڙ انتهاپسندي سميت مختلف معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم ورجائيندي گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ ملڪ جي خدمتن کي اجاگر ڪيو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتهاپسندي خلاف جنگ ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان ۽ ان جي هٿياربند فوجن جي قربانين ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
You might also like