اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سڌ سماءُ واري مرڪزي سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته حڪومت مطالبا مڃڻ ۾ سنجيدگي ڏيکاري ته پارٽي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي اچي ويندي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ وقاص اڪرم الزام لڳايو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جي ذميوار پي ٽي آءِ نه پر موجوده حڪومت آهي، جڏهن ته حڪومت جي هوڏ، ضد ۽ انا سبب ڳالهيون ناڪام ٿيون.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ لانگ مارچ ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته ڌرڻن ۽ لانگ مارچ سان ملڪي معيشت متاثر ٿيندي ۽ ملڪ کي نقصان پهچندو.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله اڄ ٻڌايو ته وزيراعظم تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.
راڻا ثناءُالله کي جواب ڏيندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن به ڳالهين واري رستي کان پاسو ناهي ڪيو ۽ اڄ به ان جي بنيادي مطالبن ۾ ذاتي ڊاڪٽر جي نگراني ۾ عمران خان جو علاج، ناحق قيد جو خاتمو ۽ عمران خان جي ڀينرن سميت ٻين ماڻهن جي نظربندي ختم ڪرڻ شامل آهي.
هن چيو ته عمران خان سميت سمورن گرفتار ماڻهن کي آئين ۽ قانون پٽاندڙ انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ عدالتي توڙي قانوني عمل ۾ رنڊڪون وجهڻ بند ڪيون وڃن.
شيخ وقاص اڪرم موجب، جنهن ڏينهن حڪومت انهن مطالبن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي، تحريڪ انصاف ان ئي ڏينهن ٻيهر ڳالهين جي ميز تي موجود هوندي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جا مطالبا ان کان گهٽ به ناهن ۽ وڌيڪ به ناهن.
”عمران خان جي علاج ۽ آزادي سميت مطالبا مڃو، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي“شيخ وقاص جو راڻا ثناءُ الله کي جواب
You might also like