اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل يا غير اثرائتو نٿو ڪري سگهجي.
ايوانِ صدر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي ڪئي وئي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ”نشانِ امتياز“ سان نوازيو.
تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر به شرڪت ڪئي.
انتونيو گوتريس پاڪستان جو اعليٰ قومي اعزاز ملڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته صدر زرداري سان ملاقات دوران عالمي امن ۽ ڳالهه ٻولهه لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي کي هٿيار يا سياسي دٻاءَ جي ذريعن طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. پائيدار امن لاءِ سمورن پراڻن تڪرارن، خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل ضروري آهي.
هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ سندن حق خوداراديت جي ڀرپور حمايت جاري رکندو، پاڪستان کي افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروهن طرفان مسلسل دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
صدر چيو ته افغان سرزمين پاڪستان يا ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين جو ڪو متبادل ناهي.
سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي، پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي:صدر
Prev Post
You might also like