ايراني فوج جون آڱريون ٽرگر تي آهن، دشمن رڳو غلطي ڪري: ابراهيم عزيزي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارلياماني قومي سلامتي ڪميشن جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته ايراني هٿياربند فوج جنگ لاءِ اڳ کان وڌيڪ تيار آهي ۽ فوج جا آڱريون ٽرگر تي آهن.

هن اها ڳالهه جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي.

ابراهيم عزيزي موجب، ايراني هٿياربند فوجون آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪنهن به معمولي غلطيءَ جي انتظار ۾ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ٻيهر جنگ شروع ڪئي ته کين اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ عبرتناڪ ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like