خطرناڪ خبرداري! اي آءِ ڪنهن جي به تصويرن کي نازيبا بڻائي سگهي ٿي، بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

اڄ جي انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي تصويرون ونڊڻ جو رواج عام ٿي ويو آهي، تصويرن اپلوڊ ڪرڻ جا سبب ڪهڙا به هجن پر ڇا اوهانکي اندازو آهي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪري سگهي ٿو؟

هٿرادو ڏاهپ جتي ماڻهن لاءِ سولائين جا دَر کولي ڇڏيا آهن اتي اها عالمي ليول تي خطرن جي حوالي سان به بحث جو اهم موضوع بڻيل آهي، اهڙن ئي خطرن مان هڪ اهو به آهي ته اي آءِ جا ٽولز غلط ماڻهن جي هٿن ۾ وڃي خاموش خطرناڪ هٿيار بڻجي چڪا آهن.

هاڻي اهو بلڪل ممڪن ٿي ويو آهي ته ڪنهن کي نالي ماتر به ڦوٽو شاپ وغيره جي ڪا خبر ئي نه هجي تڏهن به اهو هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪنهن به ماڻهو جي تصوير تان ان جو لباس هٽائي انکي عريان ۽ نازيبا بڻائي ڪنهن به ماڻهو جي وقار کي ڇيهو رسائي سگهي ٿو. اها ڳالهه اسان جي سماج ۾ اها باهه آهي جنهن سان عورتن، مردن، ٻارن، نياڻين توڙي خاندانن جون عزتون ۽ خوشگوار لمحا تباهه ٿي سگهن ٿا.

هر ماڻهن جي ذهن ۾ سوال اڀرندو ته ڇا ان حوالي سان ڪا پابندي يا تحفظ جو ڪو قدم ناهي؟ اصل ۾ عام طور تي استعمال ٿيندڙ ۽ مشهور هٿرادو ڏاهپ وارا ٽولز جهڙوڪ چيٽ جي پي ٽي، جيمينائي وغيره ان حوالي سان انسان دوست آهن، انهن سسٽمز ۾ سخت سيڪيورٽِ فلٽر (safety gaurdrails) لڳايا ويا آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي اهڙي قسم جو ڪو به حڪم ڏيندو ته اهي فوري طور تي انڪار ڪندا ۽ ڪا به نازياب تصوير نه ٺاهيندا.

پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انٽرنيٽ جي گهراين (Dark Web) ۽ ڪجهه اوپن سورس برائيءَ وارن ائپس تي اهڙا غير قانوني ٽولز موجود آهن، جن وٽ ڪا به اخلاقي حد ناهي. اهي ئي ٽولز بليڪ ميلرن ۽ بدنيت ماڻهن جي هٿن ۾ ماڻهوءَ جي پرائيويسيءَ جو قتل عام ڪن ٿا، مطلب اهو ٿيو ته ڪنهن جي به ڪا به تصوير ڪهڙي به حوالي سان ڪنهن به ٽول جي مدد سان بدسلوڪي واري بڻائي سگهجي ٿي ۽ اهو عمل ڪو وڏو ڏکيو نه پر صفا سولو آهي.

هاڻي جڏهن اهو خطرو اسان جي در تي اچي پهتو آهي ته اسان کي سمجهڻو پوندو ته هي رڳو ٽيڪنالاجي جي راند روند ناهي، پر اسان جي جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي. عام طور تي ماڻهو چوندا آهن ته فيسبوڪ يا واٽس ايپ تي سيٽنگس بدلايو، پروفائل لاڪ ڪريو، واٽر مارڪ لڳايو يا واٽس ايپ جو ”View Once“ آپشن استعمال ڪريو. پر ”اچو ته پاڻ سان سچا ٿيون“، ڇا واقعي پروفائل لاڪ ڪرڻ سان اسان سئو سيڪڙو محفوظ ٿي وڃون ٿا؟ هرگز نه! جيڪڏهن پنهنجو ئي ڪو به سڃاڻيندڙ يا دشمن ٻئي موبائيل جي ڪئميرا کڻي اسڪرين جو ڦوٽو ڪڍي وٺي ته توهان جا سڀ سيڪيورٽي ڏيئا وسائجي ويندا. ان کان پوءِ ڪنهن کي سزا ڏيارڻ يا ايف آءِ اي (FIA) وٽ وڃڻ سان ڏوهه ته ثابت ٿي ويندو، پر جيڪو ذاتي عزت ۽ روح جو ڇيهو رسندو ان جو تدارڪ ڪو قانون نٿو ڪري سگهي.

ان ڪري، سڀني ترڪيبن ۽ تجربي مان حاصل ٿيل پَڪو، حتمي ۽ سخت سچ رڳو ۽ رڳو ”علاج کان احتياط“ آهي. ان خطري کان بچڻ جو هن وقت تائين سڀ کان وڏو ۽ واحد حل اهو ئي آهي ته پنهنجون، خاص ڪري پنهنجي گهروارن، عورتن ۽ ٻارن جون جند ۽ چهرن واريون تصويرون سماجي رابطن واري ويب سائيٽس (سوشل ميڊيا) تي اپلوڊ ئي نه ڪيون وڃن. جڏهن تصوير انٽرنيٽ تي موجود ئي نه هوندي ته ڪو به ان مان غلط فائدو نه وٺي سگهندو.

You might also like