ناياب مهمان باز 155 سالن کانپوءِ سنڌ پهتو، شڪارين عقاب جون اکيون سوئي سڳي سان سبي پَر پٺي ڇڏيا

اڇي پُڇ وارو عقاب پاڪستان ۾ انتهائي ناياب پکي آهي. سخت موسم يا وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب رستو ڀلجي هي طاقتور شڪاري پکي سنڌ پهتو، پر شڪارين کيس پڪڙي قيد ڪري ورتو.

شڪار لاءِ استعمال ڪرڻ خاطر شڪارين عقاب جون اکيون سوئي سان سبي ڇڏيون ۽ اڏامڻ کان روڪڻ لاءِ سندس کنڀ به ڪٽي ڇڏيا.

نومبر 2025ع ۾ هارون پنهنجي ساٿين سان گڏجي سکر مان ناياب عقاب کي بچائي ورتو. هي طاقتور پکي عام طور اسڪينڊينيويا کان سائبيريا تائين ٿڌن علائقن ۾ ملندو آهي.

پاڪستان ۾ هن پکي جي اچڻ جا تمام گهٽ مستند رڪارڊ موجود آهن، جڏهن ته سڄي ويهين صديءَ دوران به رڳو 12 کان 15 يا ان کان گهٽ رڪارڊ سامهون آيا. جهنگلي جيوت جي ماهرن موجب سنڌ ۾ هن ناياب سياري جي مهمان جو ملڻ اهم واقعو آهي.

You might also like