ڀارتي شهر ممبئي جي شواجِي پارڪ ۾ چونڊ ڪميشن خلاف ٿيل احتجاج ۾ مشهور اداڪارا شبانا اعظمي، اداڪار نصيرالدين شاهه ۽ ڳائڻي ۽ موسيقار وشال دادلاني سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.
ڀارتي ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جا الزام سامهون اچڻ کانپوءِ ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي اهتمام هيٺ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران ڀارتي چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
بالي ووڊ اداڪار نصيرالدين شاهه احتجاج دوران سي جي پي جي باني اڀيجيت ڊپڪي سان گڏ نظر آيو، ٻنهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتو. ڊپڪي طرفان ونڊيل وڊيو ۾ نصيرالدين شاهه سندس ٿورا مڃيندي نظر اچي ٿو. بعد ۾ وشال دادلاني پڻ احتجاج ۾ پهتو ۽ اڀيجيت ڊپڪي سان ڀاڪر پاتو.
پوليس طرفان احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ باوجود وڏي انگ ۾ ماڻهو شواجِي پارڪ پهچي ويا، جڏهن ته اسٽوڊنٽس فيڊريشن آف انڊيا (ايس ايف آءِ) ۽ آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اي آءِ ايس ايف) جا ڪارڪن پڻ احتجاج ۾ شريڪ ٿيا.
سي جي پي اڄ کان ’جيل ڀريو تحريڪ‘ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ جنتر منتر تي پوليس ۽ نيم فوجي دستا مقرر ڪيا ويا.
چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار تي الزام لڳايو ويو آهي ته چونڊ فهرستن جي ’خاص جامع نظرثاني‘ دوران 30 رياستن ۽ وفاقي انتظام هيٺ علائقن مان لڳ ڀڳ 13 ڪروڙ ووٽرن جا نالا فهرستن مان ڪڍيا ويا.
هڪ ڀارتي اخبار جي رپورٽ موجب، اليڪشن ڪميشن جي اندروني گڏجاڻين دوران ٻن ٻين اليڪشن ڪمشنرن ووٽر فهرستن بابت فيصلن تي 14 ڀيرا لکت ۾ اعتراض اٿاريا هئا، جن کي چيف اليڪشن ڪمشنر مبينا طور نظرانداز ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف ڀارتي اليڪشن ڪميشن انهن سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.