کڙي جي سور کي نظر انداز نه ڪيو! علامتون ڏسي ڊاڪٽر سان ضرور رابطو ڪيو

کڙيءَ ۾ سور هڪ عام جسماني تڪليف ضرور آهي، پر هر ڀيري ان کي معمولي تڪليف سمجهي نظرانداز ڪرڻ مناسب ناهي. اهو سور کڙيءَ جي اندرين يا پوئين حصي سان گڏ ان جي پاسن ۾ به محسوس ٿي سگهي ٿو ۽ مختلف ماڻهن ۾ ان جي شدت به مختلف ٿي سگهي ٿي.

طبي ڄاڻ موجب کڙيءَ تي لڳاتار يا غيرمعمولي دٻاءُ، جسماني سرگرمي ۾ واڌ ۽ ڪنهن به قسم جي چٽو لڳڻ هن تڪليف جا عام سبب آهن. انساني پير ۾ 26 هڏا، 33 جوڙ ۽ 100 کان وڌيڪ پٺا ۽ ٻيون بناوتون موجود آهن، جڏهن ته کڙي پير جي سڀ کان وڏي هڏي تي ٻڌل هوندي آهي.

روزاني سرگرمين دوران کڙيءَ تي پوندڙ لڳاتار دٻاءُ يا چٽو ڪڏهن معمولي سور ته ڪڏهن سخت تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

کڙيءَ جي سور جي اهم سببن ۾ پير جي تري واري پردي جي سوڄ به شامل آهي. ان حالت ۾ پير ۽ کڙي کي سهارو ڏيندڙ نرم حصي تي وڌيڪ دٻاءُ پوڻ سبب سوڄ يا نقصان پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ سور ٿيندو آهي. ورزش يا ٻين جسماني سرگرمين دوران کڙيءَ کي لڳل ڌڪ به تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هڪ ٻيو امڪاني سبب ايڪلس پٺيءَ جي سوڄ آهي. ان حالت ۾ ڄنگهه جي هيٺئين حصي جي پٺن کي کڙيءَ جي هڏي سان ملائيندڙ پٺيءَ ۾ سوڄ ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ جوڙن جون ڪجهه بيماريون، پير يا مُري ۾ موچ ۽ ٻيا مسئلا به کڙيءَ جي سور جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

جيڪڏهن سور اوچتو تمام گهڻو وڌي وڃي، کڙي يا ان جي چوڌاري ڳاڙهاڻ ۽ سوڄ ظاهر ٿئي يا هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳي ته ڊاڪٽر کان طبي معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن گهر ۾ احتياط ڪرڻ باوجود سور ٻن کان ٽن هفتن اندر بهتر نه ٿئي ته ڊاڪٽر سان صلاح ڪري اصل سبب معلوم ڪرڻ گهرجي.

معمولي سور جي صورت ۾ ڪجهه عرصي لاءِ گهڻو وقت بيهڻ ۽ اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪرڻ فائديمند ٿي سگهي ٿو، جن سان تڪليف وڌندي هجي. متاثر ٿيل حصي تي روزانو ٻه ڀيرا 10 کان 15 منٽن تائين برف جي ٽکور به ڪري سگهجي ٿي. عام سور گهٽائيندڙ دوا ضرورت موجب استعمال ڪري سگهجي ٿي، پر ان کي باقاعدگي سان وٺڻ کان اڳ ڊاڪٽر يا دوا فروش سان صلاح ڪرڻ بهتر آهي.

اهڙا جوتا پائڻ به ضروري آهي، جيڪي پير کي مناسب سهارو ڏين ۽ کڙيءَ تي غيرضروري دٻاءُ نه وجهن. آرام ڪرڻ دوران پير کي ٿورو مٿي رکڻ به ڪجهه ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو.

کڙيءَ جي مسئلن کان بچڻ لاءِ جسماني وزن کي صحتمند حد ۾ رکڻ، متوازن خوراڪ کائڻ ۽ پيرن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ٿيڻ تي آرام ڪرڻ ضروري آهي. ورزش يا جسماني سرگرمي دوران اوچتو شدت وڌائڻ بدران ان کي آهستي آهستي وڌائڻ سان به چَٽي لڳڻ جي خطري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

You might also like