ڀارت ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو ته اچي، اسان جو ردعمل تمام سخت هوندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج فالس فليگ آپريشن ۾ هڪ دهشتگرد کي مارڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته مارجي ويل دهشتگرد محمد آصف ايس ايس جي جو رٽائرڊ حوالدار آهي، جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري محمد آصف کي ميڊيا سامهون پيش ڪري ڀارتي دعويٰ کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 29 سيپٽمبر تي ڀارت هڪ ٻيو فالس فليگ آپريشن ڪيو، 29 سيپٽمبر جي رات ڀارتي آرمي جي ڪور سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ڪئي.
ڀارتي فوج جي دعويٰ موجب، هنن والاريل ڪشمير جي علائقي ۾ آپريشن ڪيو، ڀارتي ڪور دعويٰ ڪئي ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي، جڏهن ته لشڪر طيبه جي دهشتگرد جي لاش ملڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي ۽ دهشتگرد جو نالو محمد آصف عرف هاشم موسى ٻڌايو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان کانپوءِ ڀارت دعويٰ ڪئي ته محمد آصف ايس ايس جي جو حوالدار آهي، ڀارتي ڪور چيو ته مارجي ويل دهشتگرد موسى عرف آصف فوجي آهي.
دعويٰ ڪئي وئي ته مارجي ويل دهشتگرد جي نشاندهي محمد آصف جي نالي سان ٿي.
ڀارتي فوج دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل دهشتگرد جو تعلق پاڪستان سان آهي ۽ محمد آصف ايس ايس جي جو حوالدار آهي.
ڀارتي نيوز ايجنسي سروس نمبر سان گڏ تفصيل به ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي، ڀارت دعويٰ ڪئي ته آصف مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته محمد آصف تي ڀارتي حڪومت دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين جا الزام لڳايا،ڀارتي حڪومت دعويٰ ڪئي ته آصف جا ٻيا ٽي ساٿي پڻ مارجي ويا، ڀارتي دعوائن موجب، آصف اهڙو سپرمين هو، جيڪو اهي سموريون ڪارروائيون ڪندو رهيو، محمد آصف تي پهلگام سميت مختلف ڪارروائين جا الزام لڳايا ويا، پاڪ فوج جو اهو سپاهي، جنهن بابت ڀارت پروپئگنڊا ڪندو رهيو، اهو هتي موجود آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر محمد آصف کي ميڊيا سامهون پيش ڪري ڇڏيو
ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ايس ايس جي جي حوالدار محمد آصف کي ميڊيا سامهون پيش ڪري ڇڏيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي حوالدار محمد آصف چيو ته مان ضلعي اٽڪ جي پنڊي گهيب جو رهواسي آهيان، ڪالهه مون کي دوستن جا فون آيا ته مون کي ڀارتي فورسز ماري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته کيس سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته ڀارت مون کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، شهيد ٿيڻ جي جڙتو خبر کانپوءِ مون کي فون ڪالز اچڻ شروع ٿي ويون، حيرت ٿي ته مان پنهنجي گهر ۾ موجود آهيان، ته پوءِ ڀارتي فوج مون کي ڪيئن شهيد ڪري ڇڏيو؟
محمد آصف چيو ته مان 2023ع ۾ ايس ايس جي مان رٽائر ٿيو آهيان، وطن خاطر بهادري سان وڙهيو آهيان ۽ اڳتي به وطن جي خدمت لاءِ حاضر آهيان، ڀارت جي بي بنياد ۽ من گهڙت الزام جي سخت مذمت ڪريان ٿو، مان هڪ سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڪم ڪريان ٿو ۽ راولپنڊي ۾ رهندو آهيان، ڀارت منهنجي ملڪ تي غلط مڙهيو آهي، مان زنده آهيان، راولپنڊي ۾ رهندو آهيان ۽ توهان جي سامهون موجود آهيان.

ڀارت جي مُڪتي باهني، ٽي ٽي پي کي فنڊنگ ڪا لڪل ڳالهه ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ دهشتگرد تنظيمن جي سرپرستي ڪري ٿو، ڀارت جي هن فالس فليگ ڊرامي جا 6 ڪارڻ آهن، پهرين ڳالهه اها آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڀارت دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، ڀارت جي مُڪتي باهني ۽ ٽي ٽي پي کي فنڊنگ ڪا لڪل ڳالهه ناهي.
هن چيو ته اسان کي سمجهڻو پوندو ته والاريل ڪشمير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل آهي. ماٿري ڏهه لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار موجود آهن. اتي ماڻهن کي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ وڃڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوي ٿي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت سمجهي ٿو ته هر مسئلو دهشتگردي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، ڀارت پنهنجي دهشتگردي لڪائڻ لاءِ ٻين تي الزام لڳائي ٿو.
ڀارت اهڙن ڊرامن ذريعي پنهنجي دهشتگردي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اڄ جو هندستان ”انڪائونٽرستان“ بڻجي چڪو آهي.

ڀارت والاريل ڪشمير ۽ اقليتن خلاف پنهنجن ڏوهن جو الزام محمد آصف تي نه لڳائي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان مان ان جي ذهنيت جو پتو پوي ٿو، ڀارت والاريل ڪشمير ۽ اقليتن خلاف پنهنجن ڏوهن جو الزام محمد آصف تي نه لڳائي، ڀارتي فوج سياسي ٿي چڪي آهي ۽ ان جو ايجنڊا هندوتوا بڻجي چڪو آهي. ڀارتي وزيراعظم ۽ ٻيا رياستي سطح تي ڪيل دهشتگردي کي فخر سان بيان ڪن ٿا.

ڀارت ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو ته اچي، اسان جو ردعمل تمام سخت هوندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر
هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته اسان جو مقابلو هڪ ننڍي سوچ واري دشمن سان آهي، اسان جو پاڙيسري هڪ ڪم ظرف ملڪ آهي، ڀارت ڪهڙو ملڪ آهي، اڀينندن کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو ته توهان پنهنجو جهاز ڪِيرائي ڇڏيو.
هن چيو ته اسان وٽ اهڙو پاڙيسري آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته هر شيءِ کي ڪوڙ ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، ڀارت ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو ته اچي، اسان جو ردعمل تمام سخت هوندو، پاڪستان جي سلامتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ملڪ جي سلامتي لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو، ڪنداسين.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت ڪو ڊرامو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري ڏسي، دشمن جي هر قدم لاءِ مڪمل تيار آهيون. جيڪڏهن هو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪن، اسان هميشه تيار آهيون.

حرمين شريفين جي سيڪيورٽي بابت پاڪستان جو عزم بلڪل واضح ۽ پختو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان مڪي جي گڏيل دفاعي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ مڪمل پرعزم آهي، مڪي الائنس بابت ميڊيا تي ڳالهائي نٿو سگهجي، مڪي الائنس تحت دفاعي سهڪار بابت ڄاڻ مڪمل طور تي رازداري ۾ آهي.
هن چيو ته حرمين شريفين جي سيڪيورٽي بابت پاڪستان جي وابستگي قطعي آهي، حرمين شريفين جو دفاع ۽ سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار آهيون.

پاڪ فوج آئين جي تابع ۽ رياست جي حڪمن جي پابند آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته صوبن سان ڳالهائڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي. فوج جو سياست سان ڪو تعلق ناهي، پاڪ فوج آئين جي تابع ۽ رياست جي حڪمن جي پابند آهي.
هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف وڙهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن رياست آهي ته سياست آهي، ڪنهن جي سياست لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ شهرين جي تحفظ لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو، ڪنداسين، پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي ۾ ڪو فرق ناهي، ٻنهي پابندي مڙهيل گروپن کي افغان طالبان جي حمايت حاصل آهي.

You might also like