آءِ سي سي ڪرڪيٽ جا نوان قانون متعارف ڪرائي ڇڏيا

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽنهي فارميٽن لاءِ نيون پليئنگ ڪنڊيشنز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جن مان ڪجهه قانون اڄ کان لاڳو ٿيندا، جڏهن ته ڪجهه تبديلين تي پوءِ عمل ٿيندو.
آءِ سي سي موجب بيٽرز کي وقت وڃائڻ تي به سزا ڏني ويندي، وقت ضايع ڪرڻ جي صورت ۾ پهريان بيٽر کي وارننگ ڏني ويندي، جڏهن ته ٻيهر اهڙي عمل تي فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم کي 5 رنسون ڏنيون وينديون.
ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ليگ سائيڊ واري وائيڊ بال بابت ٽرائل وارو قانون هاڻي مستقل ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽيسٽ ميچن ۾ خراب روشني جي صورت ۾ پِنڪ بال استعمال ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويندو.
عورتن جي عالمي ڪرڪيٽ ۾ استعمال ٿيندڙ بالن جي سائيز ۽ وزن لاءِ به سخت معيار مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن تحت مردن، عورتن ۽ جونيئر ڪرڪيٽ لاءِ بالن جون الڳ الڳ ورائٽيون مقرر هونديون.
ان کانسواءِ ٽيسٽ ميچ جي آخري اوور ۾ وڪيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڏينهن جي راند ختم ڪرڻ بابت طريقيڪار ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي. هاڻي ڏينهن جي آخري اوور دوران وڪيٽ ڪرڻ جي صورت ۾ راند ختم نه ٿيندي، پر اوور مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like