اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان ايران تي لاڳو سمورين عمل جوڳين آمريڪي پابندين جي پاسداري ڪري رهيو آهي.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي ۽ ملڪي قانونن موجب، پابندين جي سمورن نظامن تي عملدرآمد جاري رکندو.
ايران-آمريڪا جنگ بابت سوال تي سجاد حيدر خان چيو ته پاڪستان سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل ۽ تعميري رابطي ۾ آهي. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ رابطن ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته تڪرار جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا تي اسلام آباد مفاهمتي معاهدي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ زور ڏئي رهيو آهي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي تڪرار جي پرامن حل لاءِ عمل جوڳو رستو قرار ڏنو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جا نيشنل ڪوآرڊينيٽر اسلام آباد آيا، جن ۾ ڀارت جو نمائندو پڻ شامل هو.
سندس چوڻ هو ته ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ ڀارت جي هڪ سينيئر عهديدار جو پاڪستان جو دورو اهم اڳڀرائي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سجاد حيدر خان چيو ته پاڪستاني سفارتي ٽيم صوماليا ۾ زخمي پاڪستانين سان رابطي ۽ مارجي پاڪستانين جا لاش وطن واپس آڻڻ لاءِ سرگرم آهي.
هن ٻڌايو ته صوماليا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو ناظم الامور زخمي پاڪستانين سان رابطي ۾ آهي، جڏهن ته مارجي ويل پاڪستانين جا مڙهه ايٿوپين ايئرلائن ذريعي پاڪستان منتقل ڪيا ويندا.
You might also like