اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت فيصلو صدر آصف علي زرداري سان مشاورت کانپوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ ايوانِ صدر ۾ اڄ شام اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ ملڪ، خاص طور خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کي صوبي جي سياسي صورتحال بابت اعتماد ۾ وٺندو.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ صدر زرداري ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو ويو هو.
اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي صورتحال بابت مختلف آئيني ۽ قانوني آپشنز تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اهم ذميوارن شرڪت ڪئي، جنهن دوران خيبرپختونخوا سميت ملڪ جي مجموعي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير محسن نقوي اجلاس کي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي اعلان ۽ پارٽي قيادت سان ٿيندڙ بئڪ ڊور رابطن جو پڻ جائزو ورتو ويو.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي جا مختلف آپشن غور هيٺ رکيا ويا آهن، جڏهن ته في الحال ٻنهي مان ڪنهن هڪ قدم لاڳو ڪرڻ جو حتمي فيصلو سامهون نه آيو آهي.
ڪي پي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي؟ صدر زرداري سان مشاورت لاءِ ايوانِ صدر ۾ اڄ اهم اجلاس
You might also like