ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اميدوارن طرفان ايم ڊي ڪيٽ جي سوالنامي ۽ جوابن جون ڪيز جاري ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت درخواست تي فيصلي تائين ميرٽ لسٽ جي تياري روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.
ايم ڊي ڪيٽ ۾ مبينا غلطين خلاف اميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.
درخواست ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پِي ايم ڊِي سِي) وفاقي ۽ صوبائي صحت کاتن، سيبا ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 نومبر تائين جواب طلب ڪيو.
ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته ميرٽ لسٽ تيار ٿيڻ ڏني وڃي، جيڪڏهن درخواستگذارن جو حق ثابت ٿيو ته لسٽ تبديل ڪئي ويندي.
درخواستگذارن جو موقف آهي ته ايم ڊي ڪيٽ اميدوارن کي سوالنامو پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جڏهن ته سيبا طرفان جاري ڪيل جوابن ۾ به مبينا طور واضح غلطيون موجود آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ميرٽ برقرار رکڻ لاءِ سوالن ۽ جوابن جي شفاف جاچ ضروري آهي، تنهن ڪري ايم ڊي ڪيٽ جو مڪمل سوالنامو ۽ جواب سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
اميدوارن وڌيڪ درخواست ڪئي آهي ته کين ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي سامهون پنهنجا اعتراض پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ انهن اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي.
درخواست ۾ عدالت کان اهو به مطالبو ڪيو ويو هو ته ڪيس جي فيصلي تائين ميرٽ لسٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ کان روڪيو وڃي، جيڪا استدعا عدالت رد ڪري ڇڏي.
ايم ڊي ڪيٽ سوالنامي ۽ جوابن تي اعتراض، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ميرٽ لسٽ بابت اهم حڪم
You might also like