پاڪستان بنگلاديش کي مات ڏئي ايشين گيمز ڪرڪيٽ جي فائنل پهچي ويو، ڇنڇر تي ڀارت سان دنگل

نيشين (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز 2026 جي ڪرڪيٽ ايونٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو.
برسات سبب متاثر ميچ کي في اننگز 13 اوورن تائين محدود ڪيو ويو هو.
جاپان جي شهر نيشين ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان صاحبزاده فرحان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 13 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 111 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ توحيد هردوئي 42 رنسن سان نمايان رهيو.
پاڪستان طرفان سفين مقيم 3 ۽ عرفات منحاس 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان کٽڻ لاءِ مليل 112 رنسن جو هدف 12 هين اوور جي ٽئين بال تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، حسن نواز 27 ۽ عبدالصمد 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان هدف جو پيڇو ڪندي شروعاتي مرحلي ۾ 53 رنسن تي 4 وڪيٽون وڃائي ويٺو هو، پر عبدالصمد ۽ حسن نواز وچ ۾ ناقابلِ شڪست 59 رنسن جي ڀائيواري پاڪستان کي فتح ڏياري فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي 124 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
ايشين گيمز ڪرڪيٽ جو فائنل 3 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like