ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 38 هزار 636 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ طرح 10 گرام سون 2 هزار 572 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 76 هزار 59 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 30 ڊالر لاٿ کانپوءِ 4 هزار 161 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.
You might also like