پاڪستاني اي آءِ فلمساز زاهد اقبال جي 28 منٽن تي ٻڌل اي آءِ ذريعي تيار ڪيل مختصر فلم ’دي مدرز مونسٽر‘ سماجي رابطن واري ميڊيا تي ڌيان ڇڪائي رهي آهي.
ليا سان واسطو رکندڙ زاهد اقبال جي فلم يوٽيوب تي مبينا طور 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺي وئي آهي، جڏهن ته سندس يوٽيوب چينل جي رڪنيت پڻ هڪ لک کان وڌي وئي آهي.
فلم ذريعي زاهد اقبال جي 5 ڪروڙ رپين جي آمدني بابت ڳالهيون پڻ سماجي رابطن واري ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، تنهن هوندي به ان دعويٰ جي آزاداڻي طور تصديق نه ٿي سگهي آهي.
اي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي فلمون ٺاهڻ جو وڌندڙ لاڙو پاڪستاني نوجوان تخليقڪارن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي.