ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها سياسي ڪارڪن ٿي رهندي يا ڏنڊا کڻي رياست سان وڙهندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن مهانگائي هئي ته لانگ مارچ ڪيو هو، اسان جا اڳواڻ گرفتار ٿيا هئا، پر ڪٿي به روڊ بلاڪ نه ڪيا هئا.
هن پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته سياسي جدوجهد ۽ رياست سان ٽڪراءَ ۾ فرق رکڻ گهرجي.
You might also like