ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ميرا پنهنجي نئين فلم ”سائڪو“ جي باڪس آفيس ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته ڪاميابي يا ناڪامي کان وڌيڪ موٽيويشن، خود اعتمادي ۽ ثابت قدمي اهم آهي.
ميرا انسٽاگرام تي پنهنجي تصويرن سان گڏ ڪاميابي، ناڪامي ۽ ڏکين وقتن ۾ ساٿ ڏيندڙ ماڻهن بابت مختلف پيغام شيئر ڪيا.
اداڪارا هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته” ماڻهو کيس ان ڪري ناڪام چون ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس فلم ’سائڪو‘ 100 ڪروڙ نه ڪمائي سگهي.“ .
ميرا چيو ته ”فلم کانپوءِ ساٿ ڇڏيندڙ ماڻهن جي روين کي منهن ڏيڻ باوجود هوءَ اڳتي وڌندي رهي، جنهن ڪري هوءَ پاڻ کي بهادر سمجهي ٿي.“
هڪ ٻئي پيغام ۾ اداڪارا چيو ته فلم فلاپ ٿي سگهي ٿي، عورت نه.
Next Post