مراڪش (ويب ڊيسڪ) مراڪش جي شاهه محمد ڇهين فاطمه زهرا المنصوري کي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فاطمه زهرا المنصوري جي جماعت گذريل هفتي ٿيل پارلياماني چونڊن ۾ 395 مان 97 سيٽون کٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون، پر واضح اڪثريت نه ملڻ سبب حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻين جماعتن سان اتحاد ڪرڻو پوندو.
شاهي محل موجب، 50 ورهين جي فاطمه زهرا المنصوري ان کان اڳ هائوسنگ واري وزير ۽ مراڪش شهر جي ميئر رهي چڪي آهي.
ان کانسواءِ هوءَ 2009ع ۾ به مراڪش جي ميئر چونڊجي ملڪ جي پهرين عورت ميئر بڻي هئي.
فاطمه زهرا المنصوري مراڪش جي پهرين ۽ عرب دنيا جي ٻي عورت وزيراعظم آهي.
واضح رهي ته مراڪش ۾ نيم آئيني بادشاهت وارو نظام قائم آهي، جتي بادشاهه کي اهم معاملن ۾ وسيع اختيار حاصل آهن.