اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) کي سنجيدا ڳالهين جي صلاح ڏئي ڇڏي.
هڪ بيان ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، پر پي ٽي آءِ ڳالهين دوران پنهنجي اڳواڻ جي آزادي چاهي ٿي، جنهن بابت ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪا آهيون ته ان جو فورم حڪومت نه عدالت آهي.
هن چيو ته قانوني ۽ آئيني طريقيڪار موجود هئڻ باوجود جيڪڏهن جلسن، جلوسن ۽ شهرن تي چڙهائي ڪري باني جي آزادي ڪرائڻ چاهين ٿا ته ائين نٿو ٿي سگهي.
اعظم نذير تارڙ عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي موقف ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ رڳو طبي معائني جو حڪم ڏنو هو، جيڪو ٿي چڪو آهي.
هن چيوته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عملدرآمد ۾ ڪا ڪمي يا ڪوتاهي آهي ته ان جو جائزو عدالت کي وٺڻو آهي، جلسن ۽ جلوسن سان ائين نه ٿيندو.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر علي ظفر چيو ته لانگ مارچ 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ کانپوءِ هاڻي حڪومت وٽ ڳالهين جو موقعو آهي، حڪومت هڪ قدم اڳتي وڌائي ته ڳالهين جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته 27 سيپٽمبر کان اڳ اپوزيشن ليڊر جي ملاقات ٿي هئي، جنهن کي ڳالهين جو نالو نٿو ڏئي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين لاءِ ڪميٽين ذريعي بند ڪمري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته 4 آڪٽوبر جو لانگ مارچ حتمي آهي ۽ حڪومت لانگ مارچ کان ڊنل آهي.
جلسن ۽ شهرن تي چڙهائي سان عمران خان آزاد نه ٿيندو، اعظم نذير تارڙ جو پي ٽي آءِ کي پيغام
You might also like