مري (ويب ڊيسڪ) مري ويجهو اسڪولي ٻارن کي کڻي ويندڙ وين حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ٻار سڙي زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب، لوئر موهڙا برهوترا ڀرسان اسڪول وين بي قابو ٿي روڊ کان هيٺ ڪِري پئي، جنهن کانپوءِ گاڏي ۾ باهه لڳي وئي.
ريسڪيو اهلڪارن فوري طور تي پهچي سمورن ٻارن کي گاڏي مان ڪڍي ورتو ۽ زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ سول اسپتال مري نيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر مري موجب، زخمي ٿيل 10 ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته ڪجهه ٻارن کي هولي فيملي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like