هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪروڙ کپائڻ واري وڊيو، ڊڪي ڀائي ۽ عروب جتوئي تي سخت تنقيد

پاڪستان جي مشهور يوٽيوبر ڊڪي ڀائي ۽ سندس گهرواري عروب جتوئي هڪ نئين وڊيو کانپوءِ سماجي رابطن واري ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻجي ويا آهن، جنهن ۾ عروب هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو.

وڊيو ۾ عروب جتوئي ٻڌايو ته هنن پهريان هڪ مهانگي هوٽل ۾ کاڌو کاڌو، جنهن جو بل لڳ ڀڳ 50 هزار رپيا آيو. ان کانپوءِ هنن جديد آءِ فون خريد ڪيو، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 10 لک رپيا هئي. پوءِ هو زيورن جي دڪان تي ويا، جتي سون جا زيور خريد ڪيا ۽ وڏي رقم اتي ئي خرچ ڪري ڇڏي.

وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سماجي رابطن واري ميڊيا جي ڪيترن ئي واهپيدارن ان عمل تي تنقيد ڪئي. ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته عوام آڏو اهڙي نموني دولت جي نمائش مناسب ناهي، جڏهن ته ٻين ان کي غيرضروري ڏيکاءُ قرار ڏنو.

ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته مسئلو پئسا خرچ ڪرڻ جو نه، پر ان کي سماجي رابطن واري ميڊيا تي ڏيکارڻ جو آهي. ٻئي پاسي ڪجهه واهپيدارن جو خيال هو ته تنقيد باوجود اهڙين وڊيوز وسيلي يوٽيوبرز کي وڌيڪ شهرت ۽ آمدني حاصل ٿئي ٿي.

You might also like