پاڪ بحريه جي آبدوز هنگور اترين عربي سمنڊ ۾ پهريون ڀيرو جنگي هٿيار هلائڻ جي ڪامياب مشق ڪري ورتي.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريه جي آبدوز هنگور اترين عربي سمنڊ ۾ پهريون ڀيرو جنگي هٿيار هلائڻ جي مشق مڪمل ڪئي. پي اين ايس/ايم هنگور ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ سامونڊي جهازن خلاف ميزائل ڪاميابي سان فائر ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ميزائل مقرر ڪيل هدف کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو. ڪامياب فائرنگ سان هنگور جي هٿيارن واري نظام ۽ جنگي تياري جي تصديق ٿي، جيڪا پاڪ بحريه جي پاڻي هيٺ جنگي صلاحيتن ۾ اهم سنگ ميل آهي.
پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آبدوز هنگور جي جنگي صلاحيت ۽ عملي جي پيشوراڻي مهارت کي ساراهيو.
هن چيو ته پاڻي هيٺ جنگي صلاحيتن ۾ مسلسل واڌارو عملي تياري ۽ ڀروسي جوڳي بچاءَ لاءِ ضروري آهي. پاڪ بحريه سامونڊي سرحدن جي بچاءَ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي.