ڀارت ۾ تاريخي مسجد کي ڊاهڻ کان بچائڻ لاءِ هزارين مسلمان مسجد اندر ويهي رهيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مڌيا پرديش رياست جي اجين شهر ۾ سوين مسلمان 600 سال پراڻي تاريخي ’شاهي مسجد‘ کي ڊاهڻ کان بچائڻ لاءِ مسجد اندر ويهي رهيا.

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس جي وڏي نفري جي موجودگي ۾ انتظاميا رات دير سان بلڊوزر ذريعي مسجد ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي مقامي ماڻهن سخت مزاحمت ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

واضح رهي ته 2028ع ۾ ٿيندڙ هندن جي مذهبي ميلي ’سمهستا ڪمڀ‘ کان اڳ روڊ ويڪرو ڪرڻ واري رٿا تحت تاريخي مسجد جي ڪجهه حصن کي ڊاهڻ لاءِ نشان لڳايا ويا آهن.

مسجد ۾ جاري احتجاج ۾ شامل مسلمانن صحافين کي ٻڌايو ته هو گذريل ٻن هفتن کان لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ماڻهن گڏيل طور فيصلو ڪيو آهي ته مسجد کي ڊاهڻ کان بچائڻ لاءِ هو وڏي انگ ۾ واري واري سان مسجد اندر موجود رهندا.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل رات پوليس جي نفري وڌائي وئي، تيز ڪارروائي ڪندڙ فورس مقرر ڪئي وئي ۽ مسجد ڊاهڻ لاءِ بلڊوزر پڻ آندا ويا، پر مسجد جي اندر ۽ ٻاهر ماڻهن جو وڏو ميڙ گڏ ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا کي ڪارروائي روڪڻي پئي.

You might also like