تازي تجزيي موجب نفسياتي علاج تي ٻڌل طريقا ذيابطيس ٽائيپ ٽو جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن ۾ رت جي شگر جي سطح بهتر ڪرڻ ۽ وزن گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
تحقيق جي نتيجن مان خبر پئي آهي ته شگر جي مرض کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ نفسياتي سهڪار به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. مريضن ۾ رت جي شگر جي ڊگهي مدي واري اوسط سطح (HbA1c) ۾ بهتري ٽن مهينن اندر ڏٺي وئي، جڏهن ته جسماني وزن ۾ گهٽتائي گهڻي عرصي تائين جاري رهندڙ نگراني دوران نمايان ٿي.
ذيابطيس ٽائيپ ٽو جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي مرض کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ دوائن جو باقاعدي استعمال، خوراڪ ۾ تبديلي ۽ جسماني سرگرمي سميت لڳاتار پنهنجي سنڀال ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. پر ذهني دٻاءُ ۽ مرض سان زندگي گذارڻ سبب پيدا ٿيندڙ جذباتي مسئلا ڪجهه ماڻهن لاءِ انهن معمولن تي قائم رهڻ ڏکيو بڻائي سگهن ٿا.
محققن موجب صلاح مشوري، سوچ ۽ روين کي تبديل ڪرڻ واري نفسياتي علاج ۽ همٿ وڌائڻ واري ڳالهه ٻولهه جهڙا نفسياتي طريقا انهن ڏکيائين کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، ۽ انهن کي شگر جي مرض جي سارسنڀال ۾ تيزي سان شامل ڪيو پيو وڃي.
تحقيق ۾ ذيابطيس ٽائيپ ٽو جي مرض ۾ مبتلا بالغ ماڻهن تي ڪيل 52 تحقيقن جو منظم جائزو ورتو ويو ۽ گڏيل تجزيو ڪيو ويو.
محققن نفسياتي طريقن کانپوءِ رت جي شگر جي ڊگهي مدي واري اوسط سطح، جسماني وزن ۽ جسماني وزن جي ماپ (بي ايم آءِ) ۾ ٿيندڙ تبديلين جو جائزو ورتو.
نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته شگر جي مرض جي سارسنڀال ۾ طبي علاج سان گڏ نفسياتي سهڪار شامل ڪرڻ سان ڪجهه مريضن ۾ رت جي شگر کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ وزن بابت نتيجا بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.