هفتي واري موڪل جي صحت تي ٿيندڙ خطرناڪ اثرن جو انڪشاف

هفتي جي موڪل ٻين ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ڪيترن ئي حوالن سان مختلف هوندي آهي.

موڪل واري ڏينهن ننڊ جي معمول، سماجي لاڳاپن ۽ روزمرهه جي ٻين معمولن ۾ تبديلي اچي ويندي آهي.

هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته هفتي جي موڪل دوران کاڌي پيتي جي عادتن ۾ تبديلي صحت تي ڪهڙا اثر وجهي ٿي.

جرنل ”ڪميونيڪيشنز ميڊيسن“ ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ هفتي جي موڪل دوران روزمرهه جي معمولن ۾ ايندڙ تبديلين جا صحت تي اثرن جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق دوران هڪ لک 4 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ۾ کاڌي کائڻ جي عادتن ۽ دل جي بيمارين وچ ۾ تعلق جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن ماڻهن جي صحت جي نگراني 8 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪئي وئي.

تحقيق ۾ عورتن جي انگن اکرن ۾ ڪو خاص فرق نظر نه آيو، پر مردن ۾ اهو فرق وڌيڪ نمايان هو.

تحقيق موجب هفتي جي موڪل دوران کاڌو کائڻ جي وقت ۾ تبديلي مردن ۾ دل جي بيمارين جو خطرو وڌائي ٿي.

محققن ٻڌايو ته نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هفتي جي عام ڏينهن ۽ موڪل واري ڏينهن دوران کاڌو کائڻ جو وقت دل جي بيمارين جي خطري ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. مناسب ننڊ ۽ معياري خوراڪ باوجود اهو خطرو برقرار رهي ٿو.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته في الحال انهن نتيجن کي حتمي قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ وڌيڪ تحقيق جاري آهي، پر جيڪڏهن انهن نتيجن جي تصديق ٿي وئي ته کاڌو کائڻ جو هڪجهڙو معمول دل جي بيمارين جو خطرو گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

محققن موجب هفتي جي عام ڏينهن ۽ موڪل واري ڏينهن کاڌو کائڻ جي وقت ۾ نمايان فرق مردن ۾ دل جي بيمارين جو خطرو 14 کان 21 سيڪڙو تائين وڌائي سگهي ٿو.

تحقيق ڪندڙن چيو ته اهو تعلق ٻين سمورن عنصرن کي نظر ۾ رکڻ باوجود سامهون آيو.

هنن چيو ته موجوده دور ۾ موڪل واري ڏينهن کاڌي پيتي جي معمولن ۾ تبديليون عام ٿي ويون آهن، جنهن سان جسم جي اندروني گهڙي جا ڪم متاثر ٿين ٿا ۽ جسم، خاص طور دل تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.

محققن موجب اڳ ۾ به ثابت ٿي چڪو آهي ته ننڊ جو هڪجهڙو معمول مختلف بيمارين جو خطرو گهٽائي ٿو، جڏهن ته هاڻي معلوم ٿيو آهي ته کاڌو کائڻ جو معمول برقرار رکڻ به دل جي بيمارين جو خطرو گهٽائڻ لاءِ ضروري آهي.

You might also like