ماءُ جي محبت جو 2 هزار سال پراڻو نشان! سوني منڊي ۾ جڙيل پٽ جو چهرو

اٽلي جي شهر روم ڀرسان زمين جي تهن هيٺ لڪل هڪ قديم تدفيني حجري مان اهڙو انساني داستان سامهون آيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار سالن کان پوءِ به ماءُ جي پنهنجي پٽ لاءِ محبت جو نشان محفوظ نظر اچي ٿو.

اٽلي جي شهر گروٽافيراتا ۾ 2000ع ۾ دريافت ٿيل ”هائپوگيم آف دي گارلينڊز“ نالي قديم رومي تدفيني حجري جو تعلق پهرين يا ٻي صدي عيسويءَ سان ٻڌايو وڃي ٿو. ان حجري مان ٻه تابوت هٿ آيا، جن مان هڪ ۾ لڳ ڀڳ 18 ورهين جي نوجوان ڪارويليئس جيميليئس ۽ ٻئي ۾ سندس ماءُ ايبيوشيا ڪوارٽا جا باقيات موجود هئا.

دريافت جي سڀ کان حيران ڪندڙ شين مان هڪ ماءُ جي تابوت مان مليل سوني منڊي هئي. منڊي ۾ جبل جي ڪرسٽل جو پٿر لڳل هو، جنهن جي اندر هڪ نوجوان جو چهرو انتهائي نفاست سان تراشيل هو. آثار قديمه جي ماهرن موجب اهو چهرو غالباً ايبيوشيا جي پٽ ڪارويليئس جو هو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها منڊي ماءُ جي ذاتي سامان جو حصو هئي، جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته هن پنهنجي پٽ جي تصوير کي پاڻ سان گڏ رکيو هو. نوجوان ڪارويليئس جي جسم جا باقيات به غيرمعمولي طور تي محفوظ حالت ۾ مليا، جڏهن ته سندس ماءُ جا هڏا محفوظ رهيا ۽ سندس جسم تي گلن جون قديم مالائون پڻ موجود هيون.

سائنسي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ماءُ ۽ پٽ ٻنهي جي تدفين ۾ لاشن کي محفوظ رکڻ لاءِ اهڙو عمل ڪيو ويو هو، جيڪو ان دور جي رومي سماج ۾ عام رواج نه هو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ گهڻا لاش ساڙيا ويندا هئا.

لڳ ڀڳ 2000 سال گذرڻ باوجود اها ننڍڙي سوني منڊي رڳو هڪ قديم زيور نه، پر هڪ ماءُ ۽ پٽ جي اهڙي رشتي جو نشان بڻجي سامهون آئي آهي، جنهن جو جذبو وقت جي حدن کان به اڳتي محفوظ رهيو.

You might also like