20 سالن کان پل تي پهرو ڏيندڙ ”انسان“، سوين زندگيون آپگهات کان بچائي چڪو

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اڻڄاڻ انسان لاءِ ڪنهن جو کنيل هڪ ننڍڙو قدم، سندس سڄي زندگي بدلائي سگهي ٿو ۽ ڪنهن مايوس ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن اڻڄاڻ جو هڪ جملو زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق بڻجي سگهي ٿو. چين جي نانجينگ شهر ۾ هڪ عام شهري به ٻن ڏهاڪن کان اهڙي ئي انساني خدمت ۾ مصروف آهي، جيڪو نانجينگ يانگتزي نديءَ واري پل تي پهچي مايوس ماڻهن کي زندگي ڏانهن موٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

چن سي نالي هي شخص 2003ع کان نانجينگ يانگتزي پل تي رضاڪاراڻي طور ماڻهن کي آپگهات کان روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. رپورٽن موجب، 2003ع ۾ هڪ واقعي ۽ پل تان ٿيندڙ خودڪشين جون خبرون ڏسي هن فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي وقت ۽ طاقت کي ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ وقف ڪندو. 19 سيپٽمبر 2003ع کان هن باقاعده پل تي گشت شروع ڪيو.

چن سي هر هفتي موڪل وارن ڏينهن تي پل تي وڃي ٿو ۽ اهڙن ماڻهن تي نظر رکي ٿو، جيڪي غيرمعمولي پريشاني ۾ نظر ايندا آهن يا پل تي بي مقصد گهمندا رهن ٿا. هو انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪري، سندن مسئلا ٻڌي ۽ کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته مشڪلاتن باوجود زندگي ختم ڪرڻ ڪو حل ناهي. سندس شروعاتي ڏينهن بابت رپورٽن ۾ سندس هٿ ۾ اهڙا نعرا لکيل تختا به بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ماڻهن کي زندگيءَ جو قدر ڪرڻ ۽ آپگهات ڪندڙن تي ڌيان ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.

هن جو ڪم رڳو پل تي ماڻهن کي روڪڻ تائين محدود نه رهيو. چن سي ڪيترن ئي ماڻهن کي بچائڻ کان پوءِ کين کاڌو، رهائش ۽ ڳالهائڻ لاءِ محفوظ جاءِ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. هن ”Heart Station“ نالي رهائش گاهه به قائم ڪئي، جتي ڏکيائين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ رهائش ۽ سهارو ڏنو ويندو آهي.

چن سي جي لڳاتار خدمت سبب کيس ”نانجينگ جو فرشتو“ به سڏيو ويو آهي. 2024ع جي هڪ رپورٽ موجب، هو 21 سالن دوران 469 ماڻهن کي پل تان ٽپو ڏيڻ کان روڪڻ جو ڪريڊٽ رکي ٿو، جڏهن ته ان عرصي دوران هو پل تي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا گشت ڪندو رهي ٿو.

هڪ عام شهري طرفان ٻن ڏهاڪن کان جاري اها خدمت انسانيت لاءِ انتهائي ساراهه جوڳو قدم هجڻ سان گڏ ان ڳالهه جو مثال بڻجي وئي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن انسان کي زندگيءَ ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ وڏي اداري يا وڏي عهدي جي ضرورت ناهي هوندي، پر وقت، همدردي ۽ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جي خواهش ئي ڪافي ٿي سگهي ٿي.

You might also like