منهنجي ذاتي وڊيو چوڪيدار ۽ ڊرائيور تائين پُڳي، گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان به ڊڄندي هئس: راڌيڪا آپٽي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا راڌيڪا آپٽي پنهنجي ڪيريئر جي مختصر عرصي دوران مختلف ڪردارن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي ۽ ويجهڙ ۾ هن اينٿالوجي ”لسٽ اسٽوريز 3 “ ۾ ڪم ڪيو آهي.
راڌيڪا آپٽي پنهنجي فلم ”پرچڊ “جي هڪ نجي منظر جي وڊيو آن لائن ليڪ ٿيڻ کانپوءِ پيش آيل انتهائي پريشان ڪندڙ تجربي بابت ڳالهائيندي چيو ته وڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ هوءَ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان به ڊڄندي هئي.
هڪ انٽرويو دوران راڌيڪا وڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته اها صورتحال سندس لاءِ ڏاڍي ڏُکي هئي ۽ ان جا سنگين اثر ٿي سگهن ٿا.
اداڪارا موجب، سندس اسٽائلسٽ کيس ٻڌايو ته ماڻهن اها وڊيو ڏٺي آهي.
هن چيو ته سندس ويجهن ماڻهن مان ڪجهه کيس ٻڌايو ته سندن ڊرائيور ۽ چوڪيدار به اها وڊيو ڏسي چڪا هئا.
راڌيڪا موجب، ان واقعي کانپوءِ هوءَ پنهنجي زندگي بابت ڊنل هئي ۽ کيس خطرو محسوس ٿيو. ان صورتحال ۾ هن پنهنجي ٽيم کان مدد گهري ۽ کين چيو ته سندس تحفظ کي يقيني بڻائين.
راڌيڪا ٻڌايو ته هن نيٺ پنهنجي ڊرائيور ۽ اسپاٽ بواءِ کي فون ڪري چيو ته هڪ وڊيو ليڪ ٿي آهي، جيڪڏهن هنن اها ناهي ڏٺي ته هوءَ کين موڪلي سگهي ٿي.
هن کين چيو ته وڊيو ڏسڻ کانپوءِ جيڪڏهن هو ساڻس ڪم ڪرڻ ۾ ٺيڪ محسوس ڪن ٿا ته سندس حفاظت ڪن، ٻي صورت ۾ سندس ڪم ڇڏي سگهن ٿا. ٻنهي کيس يقين ڏياريو ته هو سندس خيال رکندا.
اداڪارا چيو ته ان وقت هوءَ هڪ اپارٽمينٽ ۾ اڪيلي رهندي هئي، تنهنڪري اها صورتحال سندس لاءِ وڌيڪ مُنجهيل ۽ ڀوائتي بڻجي وئي هئي.
راڌيڪا آپٽي ٻڌايو ته وڊيو ليڪ ٿيڻ واري واقعي سندس ڪيريئر جي فيصلن تي به اثر وڌو، کيس هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي، پر ان وقت جي سياسي ماحول سبب هن اها آڇ رد ڪري ڇڏي.
اداڪارا چيو ته کيس پنهنجي ان فيصلي تي شرمساري محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته ڊپ سندس ڪيريئر جو رخ تبديل ڪرڻ جو سبب بڻيو. تنهن هوندي به سندس چوڻ هو ته وٽس ٻيو ڪو چارو نه هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي خاندان کي خطري ۾ وجهڻ نٿي چاهي.
راڌيڪا آپٽي پنهنجي بولڊ ۽ بي باڪ اداڪاري سبب مشهور آهي.
هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٿيٽر کان ڪئي ۽ فلم” واهه! لائف هو تو ايسي“ ۾ مختصر ڪردار ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو. 2009ع ۾ کيس بنگالي فلم” انتاهين“ ۾ پهريون مُک ڪردار مليو.
ان کانسواءِ هوءَ ”شور اِن دي سٽي“، ”بدلاپور“، ”مانجهي: دي مائونٽين مين“، ”پرچڊ“، ”پيڊ مين“، ”ميڊلي“، ”لسٽ اسٽوريز“، ”سيڪريڊ گيمز“ ۽ ”انڌا ڌن“ سميت ڪيئي فلمن ۽ سيريز ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.

You might also like