سنڌ ۾ صوبن توڙي انتظامي يونٽن جو ڪو به قانون يا حڪم نامو آيو ته مزاحمت ڪنداسين: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڄامشوري ۾ ڪنوينر سيد زين العابدين شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو مشاورتي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن، آبادگار تنظيمن، وڪيلن ۽ مخلتف فورمز جي اڳواڻن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ ملڪي معاشي بدحالي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ حڪمرانن کي سليڪٽڊ قرار ڏيندي انهن ذريعي اسٽيبلشمينٽ جي فيصلاسازي کي ملڪ لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ويو.

اجلاس کانپوءِ سياسي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي ڪنهن امڪاني ورهاڱي توڙي نئين صوبن جي قيام کي رد ڪندي سخت مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سيد زين شاهه ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪي نظام ۽ حڪومتي نظام جي بهتري، ڪرپشن جو خاتمو ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا سٺا ڪرڻ سان گڏ منشيات جي خاتمي، بُک بيروزگاري ۽ بدحالي جي توڙي پيٽرول اگهن مان ليويز کي خاتمو آڻي عوامي مسئلن جو حل ڪيو وڃي.

اڳواڻن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ ۽ سنڌ کي حصو جو پاڻي نه ملڻ توڙي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب آبادگارن تڪليفن ۽ سخت نقصانن سان منهن ڏئي رهيا اهن، زراعت جي شعبي ۾ ويٺل شگر ملز مافيائن ۽ فرٽيلائيزر مافيائن زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

سيد زين شاهه چيو ته انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ بدران اسٽرڪلچرل چينج جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جيڪي اعلان وفاقي وزيرن ۽ آءِ ايس پي آر جو ڊي جي سميت ٻين سرڪاري ماڻهن ذريعي ٿين پيا اهو هڪ غيرآئيني عمل آهي.

هنن چيو ته اهو مسئلو ايوانن جو آهي، پاڪستان ٺاهيندڙ يونٽن جي ورهاست پاڪستان جي بنيادي تصور جو انڪار ڪرڻ آهي، 1940ع ۽ 1943ع جي ڪرارداد تحت سنڌ ملڪ ۾ شامل ٿي هئي، ان بنياد کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري خاص ڪري سنڌ ۾ نفرت انگيز ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. اسٽيبلشمينٽ فارم ستيتاليهه تحت آندل ماڻهن جي ذريعي ڪڌي عمل ڪري رهي آهي. ان جو فائدو سنڌ سميت ملڪ کي نه ٿيندو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ماڻهن هزارين سالن کان سنڌ وطن جي حفاظت ڪئي آهي، مختلف علائقن مان سنڌ ۾ آيل ماڻهن ۽ سنڌي قوم ۾ محبتاڻا رشتا قائم ٿي چڪا آهن انهن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن عمل مان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سدائين ذاتي فائدو ورتو آهي ۽ هاڻي به ذاتي مفادن خاطر ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سين زين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي ۾ اڻپورو قراردار آڻي ايوان کان ٻاهر نڪري انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري سنڌي عوام کي ڌوڪو ڏنو آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته پهريون ريلين جو اعلان ڪيو ويو ۽ پوءِ سيمينارن جو ۽ آخر ۾ دَٻ پوڻ کانپوءِ ماٺ ڪري ويهي رهيا.

هن چيو ته ڪنهن به حوالي سان سنڌ وطن کي ورهائن جي يا مرڪز جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته

اسان انجي مخالفت ڪنداسين، لوڪل باڊيز کي بااختيار بڻائڻ جي حمايت ڪيون ٿا پر لوڪل گورنمينٽ به صوبن جو مسئلو آهي انکي وفاقي حوالي ٿيڻ قبول نه ڪنداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي، منشيات جي ڪاروبار، زرعي سيڪٽر مان ناانصافي جو خاتمو، ڪرپٽ بيروڪريسي کي سزائون ڏيڻ بدران اسٽرڪچرل چينج جي ڳالهه ٿيڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا،جيڪڏهن جبري طور اهڙي قسم جا فيصلا ڪيا ويا ته سنڌ مزاحمت ڪندي.

پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي به ريت صوبائي يونٽن يا صوبن جي ورهاست جي ڳالهه ڪئي وئي، ان لاءِ ڪو آرڊيننس آندو وڃي، ڪو ايڪٽ  آندو وڃي يا جبري طور ڪو به حڪم نامو آندو وڃي اسان انجي مخالفت ڪنداسين، سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي ويندي، روڊ بند ڪيا ويندا ۽ رابطن وري نيٽورڪ کي مڪمل طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.

هنن چيو ته اسان جو اهو به مطالبو آهي ته وفاقي گهرو وزير، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ٻين وفاقي وزيرن جن اهڙا اعلان ڪيا آهن انهن کي نوڪرين تان لاهي انهن کي آئين جي خلاف ڳالهه ڪرڻ تي سزائون ڏنيون وڃن.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته ملڪ کي جيڪڏهن بحرانن مان ڪڍڻو آهي ته ان جو آئيني طريقو شفاف چونڊون ڪرائڻ آهن، جيستائين چونڊون شفاف نه ٿينديون تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا. چونڊن دوران مقرر ٿيل آر اوز ۽ آفيسرن جعلي مينڊيٽ ڏئي ماڻهو آندا آهن جنهن ڪري انهن جيڪي به ترميمون آنديون آهي اهي 26هين ترميم هجي يا 27هين ترميم هجي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي ترميم هجي يا قانون ۾ ٿيل ٻيون ترميمون رد ڪيون ٿا.

اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن آزاد اليڪشن ڪميشن جوڙي شفاف چونڊون نه ڪرايون ويون ته اسان سمجهون ٿا ته حالتون 72-1971 واري حالتون دهرايون پيون وڃن، بلوچستان جون حالتون صحيح ناهن،  ڪي پي ۾ ظلم ڪيو پيو وڃي، گلگت بلتستان ۾ زمينن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن، ڪشمير جا ماڻهو ملڪي پاليسين کان بيزار ٿي رهيا آهن، پنجاب ۾ جمهوريت سسٽم تحت احتجاج جو به حق نٿو ڏنو وڃي.

ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر چيو ته سنڌ کي مال غنيمت سمجهيو ويو آهي، سمنڊ به ڏنو ويو، زمينون به ڏنيون ويون، سنڌو ۾ پاڻي کوٽ باوجود چولستان آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪي پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تئين موجود آهن انهن کي ختم ناهي ڪيو ويو.

زين شاهه عمران خان، شاهه محمود قريشي، عليمه خان، علي وزير، ماهرنگ بلوچ، ارباب ڀيل، ايمان مزاري ان جي مڙس ۽ ٻين گرفتاري سياسي اڳواڻن کي به آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته کُلي ريت سياست ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي.

You might also like