سلمان خان جو ڌاڪو! ”مونسٽر“ رليز ٿيڻ کان اڳ ئي سئو ڪروڙ رپين ۾ ڊسٽريوبيوشن رائيٽس تحت وڪرو

سلمان خان ڀارتي سئنيما جي سڀ کان وڌيڪ مشهور اداڪارن مان هڪ طور پنهنجي حيثيت برقرار رکيو اچي، سندس فلمن جي نمائش کان اڳ ئي غيرمعمولي جوش نظر اچي ٿو. سندس ايندڙ فلم ”مونسٽر“ جي هدايتڪاري وامشي پئڊيپلي ڪري رهيو آهي ۽ فلم واپار جي دنيا ۾ به وڏي دلچسپي پيدا ڪري رهي آهي. فلم عيد 2027ع تي نمائش لاءِ مقرر آهي. ڀارتي فلمي ويب سائيٽ بالي ووڊ هنگاما موجب، فلم جي ورهائڻ بابت هڪ وڏو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.

ڀروسي جوڳن ذريعن موجب پي وي آر آءِنوڪس ”مونسٽر“ جا سڄي ڀارت ۾ نمائش ۽ ورهائڻ جا حق 100 ڪروڙ رپين ۾ حاصل ڪري ورتا آهن.

ذريعن بالي ووڊ هنگاما کي ٻڌايو ته موجوده سئنيما جي ڪاروباري دنيا ۾ هي هڪ وڏو معاهدو آهي، جتي ورهائيندڙ ڪمپنيون فلمن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي رقم لڳائي رهيون آهن. معاهدي تحت رقم اڳواٽ ڏني وئي آهي، جيڪا واپس ٿيڻ جي شرط سان آهي، جڏهن ته سئنيما گهرن جي شعبي جي هن وڏي ڪمپني کي يقين آهي ته ”مونسٽر“ مان وڏو منافعو حاصل ٿيندو.

ذريعن موجب ”مونسٽر“ جا منظر انتهائي شاندار آهن ۽ فلم ۾ سلمان خان جو هڪ نئون انداز ڏسڻ ۾ ايندو. سلمان خان فلم ۾ ڪيترن ئي مختلف روپن ۾ نظر ايندو، جڏهن ته پي وي آر آءِنوڪس کي اميد آهي ته فلم وڏي انگ ۾ شوقينن کي سئنيما گهرن ڏانهن ڇڪيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدو وڏي رقم تي ٿيو آهي ۽ ورهائيندڙ ڪمپني عيد 2027ع جي هفتي دوران فلم کي وڏي پيماني تي سڄي ڀارت ۾ نمائش لاءِ پيش ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.

”مونسٽر“ سلمان خان ۽ نينٿارا جي پهرين گڏيل فلم آهي، جڏهن ته اروِند سوامي پڻ اهم ڪردار ۾ نظر ايندو. فلم جي هدايتڪاري قومي انعام ماڻيندڙ هدايتڪار وامشي پئڊيپلي ڪري رهيو آهي. فلم جي شوٽنگ هن وقت جاري آهي ۽ ٺاهيندڙ آڪٽوبر ۾ پرڏيهه ۾ به فلمبندي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.

You might also like