بهاولپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ کان مليل اطلاع جي بنياد تي بهاولپور سان واسطو رکندڙ 17 ورهين جي نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اين سي سي آءِ اي موجب، نوجوان تي الزام آهي ته هو پنهنجي پيءُ کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو ۽ ان مقصد لاءِ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) چيٽ بوٽس کان زهريلي مواد بابت ڄاڻ حاصل ڪري رهيو هو.
ايف آءِ آر موجب، ايف بي آءِ طرفان نوجوان سان لاڳاپيل اي ميل ۽ آءِ پي ايڊريسز سميت ڊجيٽل ثبوت پاڪستاني اختيارين کي فراهم ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اين سي سي آءِ اي ڊجيٽل ٽريڪنگ ۽ نادرا جي رڪارڊ ذريعي نوجوان تائين پهتي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته نوجوان جي گهر مان هڪ آءِ فون ۽ مختلف ڪيميائي مادا هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته سندس موبائل فون ۾ ڪلائوڊ اي آءِ ايپليڪيشن پڻ موجود هئي، شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران نوجوان الزامن کان انڪار ڪيو آهي.
اين سي سي آءِ اي موجب، نوجوان مشهور آمريڪي ٽي وي سيريز ”بريڪنگ بيڊ“ کان متاثر هو ۽ گهر ۾ ڪيمسٽري جا تجربا ڪرڻ لاءِ ننڍڙي ليبارٽري پڻ قائم ڪئي هئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هن مختلف اي آءِ چيٽ بوٽس، جن ۾ جيمناءِ، ڪلاڊ ۽ گروڪ شامل آهن، کان ڪيميائي تجربن ۽ انساني جسم تي زهريلي مواد جي اثرن بابت سوال ڪيا.
اين سي سي آءِ اي ڊائريڪٽر حسام بن اقبال والدين کي صلاح ڏني آهي ته هو ٻارن جي اي آءِ استعمال ۽ اسڪرين ٽائيم تي نظر رکن، ڇو ته مصنوعي ذهانت جو هاڪاري استعمال ته ٿي سگهي ٿو، پر ان جو غلط استعمال به ممڪن آهي.
”پيءُ کي مارڻ لاءِ زهر جي پُڇا ڪندو ٿو وَتي، پڪڙيوس“ايف بي آءِ جي اطلاع تي بهالپور جو نوجوان سوگهو
You might also like