ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ زهريلي ڪيميائي مادو مليل پاڻيءَ ۾ ڪري بيهوش ٿيل نانگ کي هڪ شخص هٿرادو ساهه ڏئي موت جي منهن مان بچائي ورتو، واقعي جي وڊيو سماجي رابطن واري ميڊيا تي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو.
هي حيران ڪندڙ واقعو ڀارتي رياست گجرات جي شهر واپي ۾ پيش آيو، جتي هڪ نانگ مبينا طور ڪيميائي مادو مليل پاڻيءَ ۾ ڪرڻ کانپوءِ بي حس ۽ بي حرڪت ٿي ويو هو.
نانگ جي حالت ڏسي اتي موجود هڪ شخص کيس مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ بدران بچائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. هن نانگ کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيهر ساهه کڻائڻ لاءِ وات سان ساهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪجهه دير تائين لڳاتار ڪوششن کانپوءِ نانگ ۾ ٻيهر چرپر جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ هوش ۾ اچي ويو.
واقعي جي وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ اها سماجي رابطن واري ميڊيا تي تيزيءَ سان پکڙجي وئي، جتي ماڻهو نانگ کي اهڙي انداز سان بچائڻ جو منظر ڏسي حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن.