لاهور/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 27 سيپٽمبر واري احتجاج کي نظر ۾ رکندي وچ پنجاب جي ضلعن مان گذرندڙ ٻن دريائن جي پلن ڀرسان روڊن جي ڪنارن تي ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، جڏهن ته انهن هنڌن تي واري ۽ مٽيءَ سان ڀريل ٻوريون پڻ آنديون پيون وڃن.
چناب ۽ جهلم درياهن تي جي ٽي روڊ وارا پل لاهور کي اسلام آباد سان ملائين ٿا. موٽر وي بند هئڻ جي صورت ۾ لاهور کان اسلام آباد پهچڻ لاءِ جي ٽي روڊ ئي متبادل رستو آهي، تنهنڪري انهن ٻنهي پلن کي بند ڪرڻ سان اهو رستو غير اثرائتو بڻجي سگهي ٿو.
جهلم ۾ به پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي رستا بند ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
انتظاميا جي هڪ سينيئر آفيسر موجب، جهلم درياهه پل، منگلا پل ۽ سوهاوا سميت لڳ ڀڳ 10 هنڌن ڀرسان ڪنٽينر رکيا ويا آهن.
جهلم پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جهلم درياهه جي پلن تي رينجرز مقرر ڪئي ويندي، جڏهن ته وڌيڪ حڪم ملڻ کانپوءِ ئي ڪنٽينرن ذريعي رستا بند ڪيا ويندا.
اهڙي ئي صورتحال چناب درياهه وٽ به نظر اچي رهي آهي، جتي چناب پل جي ٻنهي پاسن کان واريءَ جون ٻوريون رکڻ سان گڏ ڪنٽينر پڻ پهچايا ويا آهن.
گجرات ۽ جهلم جي ضلعي انتظاميا جي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته في الحال ٻنهي دريائن جي پلن ڀرسان کڏا کوٽڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کڏا پڻ کوٽيا ويا هئا
پي ٽي آءِ احتجاج روڪڻ لاءِ چناب ۽ جهلم پلن کي بند ڪرڻ جون تياريون؟ جِي ٽِي روڊ جي مختلف هنڌن تي ڪنٽينر پهچايا ويا
You might also like