دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ليگ اسپنر ابرار احمد پهريون ڀيرو آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بالنگ رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ابرار احمد ٽي ٽوئنٽي بالنگ رينڪنگ ۾ نمبر ون بڻجندڙ پاڪستان جو پنجون بالر آهي، ان کان اڳ عمر گل، سعيد اجمل، عماد وسيم ۽ شاهد آفريدي به نمبر ون بالر رهي چڪا آهن.
آءِ سي سي جي هفتيوار رينڪنگ موجب، افغانستان جو اسٽار اسپنر راشد خان هڪ ريٽنگ پوائنٽ جي فرق سان ٻئي نمبر تي هليو ويو، جيڪو گذريل 6 مهينن کان پهرين پوزيشن تي موجود هو.
پاڪستان جو محمد نواز بالنگ رينڪنگ ۾ اٺين، جڏهن ته سلمان مرزا هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 19هين نمبر تي اچي ويو آهي.
انگلينڊ جي جيمي اوورٽن 47 درجا ترقي ماڻيندي ڪيريئر جي بهترين ڇهين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، سندس هن وطن ليام ڊاسن 12 درجا بهتري کانپوءِ 11هين نمبر تي پهچي ويو.
ڀارت جو اڪشر پٽيل به 12 درجا ترقيءَ سان 15هين پوزيشن تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ زمبابوي جي سڪندر رضا جي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو صائم ايوب ٻئي نمبر تي موجود آهي.
انگلينڊ جو ول جيڪس 3 درجا بهتري کانپوءِ ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي.
You might also like