وچ اوڀر جي جنگ ۾ هڪ خطرناڪ نئون محاذ کلي ويو آهي. يمن ۽ ڳاڙهو سمنڊ هاڻي هن جنگ جا نوان ميدان بڻجي ويا آهن. ان سان علائقائي تڪرار جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿيو آهي ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ هڪ ٻيو سنگين پاسو شامل ٿي ويو آهي. نئين ڌرين، خاص طور ايران سان هم آهنگ انصارالله حوثين ۽ عراقي مليشيا جي جنگ ۾ داخل ٿيڻ سان سعودي عرب لاءِ سيڪيورٽي ۽ معاشي خطرا وڌي ويا آهن. ان جي نتيجي ۾ تيل جون قيمتون تيزيءَ سان وڌيون آهن ۽ عالمي مارڪيٽن لاءِ ٻارڻ جي فراهمي وڌيڪ غيريقيني بڻجي وئي آهي. سفارتي عمل اڳ ئي تعطل جو شڪار آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي بحاليءَ جون ڪوششون انهن واقعن کان اڳ ئي رڪجي چڪيون هيون، هاڻي اهي وڌيڪ ڏکيائيءَ ۾ ڦاسي ويون آهن.
صورتحال ۾ ڊرامائي تبديلي ان وقت آئي، جڏهن حوثين يمن جي اولهندي سامونڊي ڪناري سان اوچتو فوجي ڪارروائي شروع ڪئي، جيڪا ڳاڙهي سمنڊ جي اهم بندرگاهه واري شهر المخا ۽ باب المندب سامونڊي لنگهه ۾ موجود پريم ٻيٽ تي قبضي سان ختم ٿي. ان سان کين هڪ اهم سامونڊي واپاري رستي تي ڪنٽرول حاصل ٿي ويو. سعودي عرب جي حمايت يافته يمن جي حڪومتي فوجون حوثين جي اڳڀرائي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون ۽ حوثين وڌيڪ اهم علائقن تي قبضو ڪري ورتو. ساڳئي وقت حوثين سعودي عرب جي توانائيءَ جي بنيادي ڍانچي کي به نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. عراق ۾ موجود مليشيا جي ڊرون حملي کان پوءِ سعودي عرب جي اوڀر کان اولهه تائين ويندڙ اهم تيل پائيپ لائين کي بند ڪرڻو پيو
ايران طرفان هرمز سامونڊي لنگهه بند ڪرڻ ۽ حوثين طرفان هڪ ٻئي اهم سامونڊي گذرگاهه، يعني تنگ باب المندب، تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سان سعودي عرب جي تيل برآمد ڪرڻ جي صلاحيت سخت متاثر ٿي آهي. تهران جو چوڻ آهي ته حوثي پنهنجي مرضيءَ سان ڪارروائي ڪري رهيا آهن. تنهن هوندي به حوثين ۽ عراقي مليشيا جي ڪارروائين کي ايران طرفان هم آهنگ ڪيو وڃڻ جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي، جنهن جو مقصد آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ آمريڪي جنگي جهازن ذريعي وڌيڪ جهازن کي هرمز سامونڊي لنگهه مان گذارڻ جي ڪوشش کي منهن ڏيڻ ٿي سگهي ٿو. اهو آمريڪا جي معاشي دٻاءُ جو ردعمل پڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ايران جي معيشت تي وڌيڪ بار وڌي رهيو آهي. حوثين خلاف سعودي عرب جا ڪيترائي هوائي حملا به انهن کي يمن ۾ قبضي هيٺ آندل علائقن مان پوئتي هٽائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. مليشيا اڃا تائين ڳاڙهي سمنڊ سان لڳل يمن جي تقريباً سڄي اولهندي سامونڊي پٽي تي ڪنٽرول رکي ٿي.
هي ويڙهه ان تڪرار جي ٻيهر ڀڙڪڻ جي نشاني آهي، جيڪو 2014ع ۾ يمن جي گهرو ويڙهه دوران سعودي عرب جي اڳواڻيءَ واري اتحاد ۽ حوثين وچ ۾ شروع ٿيو هو. ان اتحاد جي قيادت سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڪري رهيو هو. 2022ع ۾ جنگبندي کان پوءِ صورتحال ڪجهه عرصي لاءِ ماٺار ۾ رهي، پر هن سال جولاءِ ۾ جنگبندي تڏهن ٽٽي وئي، جڏهن حوثين سعودي عرب جي ڳاڙهي سمنڊ وارن بندرگاهن جي ناڪابندي جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ سعودي حمايت يافته قوتن صنعا ايئرپورٽ تي حملو ڪيو هو. تڪرار جي پکڙجڻ جا معاشي اثر ته اهم آهن ئي پر ان جا سياسي نتيجا پڻ انتهائي سنگين ٿي سگهن ٿا.
صورتحال جي بگاڙ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي هڪ ڏکيائيءَ سان منهن ڏئي رهي آهي: ڇا هو تڪرار کي وڌيڪ وڌائي يا سفارتي رستو اختيار ڪري؟ آمريڪي فوجي مداخلت حاصل ڪرڻ جون سندس ڪوششون هن وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن، جيتوڻيڪ اهڙيون غيرتصديق ٿيل رپورٽون سامهون آيون آهن ته آمريڪا حوثين خلاف فوجي حملا ڪرڻ جا آپشن غور هيٺ آڻي رهيو آهي. محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٻه ڀيرا ڳالهائي سڌي آمريڪي مدد طلب ڪئي، پر واشنگٽن هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪيو آهي. ٽرمپ جي آئرلينڊ واري دوري دوران ڪيل هڪ بيان مان به آمريڪي رويي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته حوثين آمريڪا سان رابطو ڪري چيو آهي ته هو آمريڪا سان جنگ نٿا چاهين، آمريڪا به انهن خلاف ڪارروائي نه ڪري ۽ گهڻن جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي. هن بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٽرمپ پنهنجي اهم خليجي اتحادي تي سخت حملن باوجود سڌي فوجي مداخلت کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿو. واشنگٽن واضح طور تي ايران سان جاري تڪرار تان ڌيان هٽائڻ نٿو چاهي، جتي هو اڃا تائين پنهنجي مقصدن حاصل ڪرڻ ۽ ايران کي پنهنجون گهرجون مڃرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي.
آمريڪي فوج اڳ ئي وڏي دٻاءَ هيٺ آهي ۽ لڳ ڀڳ ست مهينن جي جنگ کان پوءِ هٿيارن ۽ گولا بارود جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن آمريڪا سعودي عرب ۽ حوثين جي تڪرار ۾ به مداخلت ڪري ٿو ته اهي مسئلا وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب ايران سان جنگ تي 43 ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف اهي قياس آرائيون به سامهون آيون ته رياض پاڪستان ۽ ترڪي سان مڪي جي گڏيل دفاعي معاهدي کي فعال ڪري سگهي ٿو، پر هن وقت تائين اهڙي ڪا اڳڀرائي نظر نه آئي آهي. پاڪستان طرفان سعودي عرب جي حمايت ۽ حوثين جي ڪاررواين جي مذمت کان اڳتي وڌڻ جو ڪو اشارو ناهي مليو، جيتوڻيڪ پاڪستان جا فوجي دستا ۽ جنگي جهاز سعودي عرب ۾ موجود آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اهو معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن فوجي منصوبي تي غور نه پيو ڪيو وڃي. تنهن هوندي به سعودي ولي عهد آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اهڙيون رپورٽون به سامهون آيون آهن ته آمريڪا سعودي عرب کي هدفن جي نشاندهي ۽ انٽيليجنس بابت مدد فراهم ڪري رهيو آهي. ڪيترن ئي مغربي تجزيه نگارن جو خيال رهيو آهي ته آمريڪا سان جنگ سبب ايران جا علائقائي اتحادي ڪمزور ٿي ويا آهن، پر تازن واقعن مان اهڙو تاثر مڪمل طور درست نظر نٿو اچي. ’مزاحمت جو محور‘ نه رڳو برقرار آهي، پر ايترو اثرائتو به آهي جو سعودي عرب خلاف ٻن پاسن کان حملو ڪري ان کي بحران ۾ وجهي سگهي ٿو.
ساڳئي وقت ايران جو اثر وڌيو آهي، ڇاڪاڻ ته هرمز سامونڊي لنگهه تي سندس گرفت برقرار رهڻ سان گڏ سندس اتحادي حوثي مليشيا هاڻي ڳاڙهي سمنڊ جي هڪ اهم توانائي واري گذرگاهه، باب المندب، تي به ڪنٽرول رکي ٿي. اهو تهران لاءِ هڪ اهم حڪمت عمليءَ وارو فائدو سمجهيو وڃي ٿو. وڌندڙ ۽ پکڙجندڙ جنگ جا معاشي اثر تمام گهڻا پري تائين پهچي سگهن ٿا. اڳ ئي تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي چڪي آهي. گئس جون قيمتون پڻ وڌي ويون آهن. عالمي توانائي جي فراهمي بابت غيريقيني، جيڪا اڳ ئي دٻاءَ هيٺ آهي، قيمتن کي وڌيڪ مٿي وٺي وڃي سگهي ٿي. اهو سڀ ان باوجود ٿي رهيو آهي جو حوثي قيادت يقين ڏياريو آهي ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ سموري تجارتي جهاز راني بند نه ڪئي ويندي، پر رڳو سعودي عرب سان لاڳاپيل جهازن کي نشانو بڻايو ويندو. سعودي عرب جي تيل جي پيداوار گهٽجڻ سبب دنيا جي سڀ کان وڏي تيل برآمد ڪندڙ ملڪ اڳ ئي خام تيل جون برآمدون گهٽائي ڇڏيون آهن. سعودي عرب جي 1200 ڪلوميٽر ڊگهي برآمدي پائيپ لائين کي پهتل نقصان عالمي تيل جي فراهميءَ جو لڳ ڀڳ چار سيڪڙو متاثر ڪري سگهي ٿو. آمريڪا ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب قرض حاصل ڪرڻ جي لاڳت 2007ع کان پوءِ بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. توانائي جي قيمتن ۽ مهانگائي بابت خدشن سبب بانڊ مارڪيٽ پڻ متاثر ٿي رهي آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن تي معاشي اثرن کان علاوه پکڙجندڙ جنگ جا سياسي اثر به ڪنهن طرح گهٽ سنگين ناهن. نون ڌرين جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان، ۽ وڌيڪ ملڪن يا گروهن جي ان ۾ ڇڪجڻ جي امڪان سان، سفارتڪاريءَ لاءِ ڪيترن ئي ڌرين وچ ۾ معاهدو ڪرائڻ هڪ نئون ۽ وڌيڪ پيچيده چئلينج بڻجي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ سفارتي عمل وڌيڪ پيچيده ۽ ڏکيو ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ جنگ ۾ شامل ڌريون ڳالهين ذريعي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ تيار هجن. بدقسمتيءَ سان هرمز سامونڊي لنگهه جي ڪنٽرول ۽ عبوري انتظام تي غور ڪرڻ لاءِ عمان ۾ ايران ۽ خليجي ملڪن جي وچ ۾ رٿيل علائقائي اجلاس پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين نه آمريڪا ۽ نه ئي ايران پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻ ۽ ٻيهر ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا. آخرڪار صورتحال جو نتيجو شايد ان ڳالهه تي دارومدار رکي ته ڪهڙي ڌر ڊگهي عرصي تائين معاشي دٻاءُ ۽ نقصان برداشت ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت رکي ٿي.