اسڪول جو ماحول ئي تعليم جو اصل چهرو آهي

ڊاڪٽر زاهد حسين سهتو

ڪنهن به اسڪول جي معيار کي پرکڻ لاءِ هميشه امتحاني نتيجن، نمبرن ۽ پوزيشنن جي فهرست ڏسڻ ضروري ناهي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اسڪول جي دروازي مان اندر داخل ٿيندي ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته هتي تعليم رڳو ڪتابن تائين محدود ناهي، پر زندگيءَ کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جو نالو آهي. جيڪڏهن شاگرد استادن کي احترام ۽ محبت سان سلام ڪن ٿا، ڪلاس رومن ۾ خوف بدران سوال، تجسس ۽ سکڻ جي خواهش نظر اچي ٿي، استاد هڪ ٻئي سان مقابلي بدران سهڪار ڪن ٿا ۽ والدين اسڪول کان ٻاهر بيٺل تماشائي نه، پر تعليمي عمل جا ساٿي بڻيل آهن، ته سمجهڻ گهرجي ته اتي هڪ مثبت اسڪول ڪلچر موجود آهي.

اسڪول ڪلچر دراصل ڪنهن عمارت، فرنيچر يا خوبصورت دروازي جو نالو ناهي. اهو انهن گڏيل قدرن، روين، تعلقن، روايتن ۽ روزاني عملن جو نالو آهي، جيڪي اسڪول ۾ هر ڏينهن جنم وٺن ٿا ۽ شاگردن توڙي استادن جي سوچ ۽ ڪردار تي اثر وجهن ٿا. هڪ اسڪول جو اصل چهرو ان جي عمارت کان وڌيڪ ان ماحول مان ظاهر ٿيندو آهي، جيڪو اتي پڙهندڙ ٻار ۽ ڪم ڪندڙ استاد روزانو محسوس ڪندا آهن.

تحقيقي مطالعي مان پڻ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن شاگرد پاڻ کي محفوظ، عزت وارو ۽ اسڪول سان ڳنڍيل محسوس ڪن ٿا ته سندن حاضري، نظم ۽ تعليمي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ جا امڪان وڌن ٿا. ساڳيءَ طرح، جڏهن استاد کي عزت، سهڪار ۽ اعتماد وارو ماحول ملي ٿو ته هو پنهنجي پيشه ورانه ذميوارين سان وڌيڪ وابسته رهي ٿو، نوان تدريسي طريقا آزمائي ٿو ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو گهٽ شڪار ٿئي ٿو.

اسان جي سنڌ ۾، جتي ڪيترائي سرڪاري اسڪول محدود وسيلن، وڏن ڪلاسن، مختلف نوعيت جي تدريسي مسئلن ۽ تربيت جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، اتي اسڪول ڪلچر جي اهميت اڃا وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. اسان شايد هڪ ئي ڏينهن ۾ نئين عمارت تعمير نه ڪري سگهون، وسيلا وڌائي نه سگهون يا هر ڪلاس ۾ شاگردن جو انگ گهٽائي نه سگهون، پر استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ احترام، اعتماد ۽ سهڪار جو ماحول ضرور پيدا ڪري سگهون ٿا.

اصل سوال اهو آهي ته مثبت اسڪول ڪلچر آخر پيدا ڪيئن ٿيندو؟  ان جو پهريون ۽ بنيادي جواب آهي: تعلقات.

هڪ ٻار ان استاد کان وڌيڪ سکندو آهي، جنهن تي هو اعتماد ڪندو آهي. هڪ استاد به ان اداري لاءِ وڌيڪ دل سان ڪم ڪندو آهي، جتي سندس عزت ۽ ڪوشش کي اهميت ڏني ويندي آهي. روزاني سلام دعا، شاگردن سان ڪجهه لمحن جي ڳالهه ٻولهه، سندن مسئلن کي ٻڌڻ، ڪوشش کي ساراهڻ ۽ غلطيءَ تي ذلت بدران رهنمائي ڪرڻ جهڙا ننڍڙا عمل، اسڪول ۾ اعتماد جي وڏي عمارت اڏيندا آهن.

بدقسمتيءَ سان اسان جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ شاگرد اڃا تائين سوال ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، ڇو ته کين خوف هوندو آهي ته سندن سوال تي کل ڪئي ويندي يا غلطيءَ تي کين سڀني سامهون شرمسار ڪيو ويندو. جڏهن ته حقيقي سکيا اتي شروع ٿيندي آهي، جتي ٻار بنا خوف جي سوال ڪري سگهي، غلطي ڪري سگهي ۽ ان غلطي مان ٻيهر سکڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهي. ان ڪري حفاظت جو مطلب رڳو اسڪول جي عمارت ۾ جسماني تحفظ ناهي. ٻار جي جذباتي ۽ نفسياتي حفاظت به ايتري ئي ضروري آهي. نظم لازمي هجي، پر نظم ۽ خوف ۾ فرق رکڻو پوندو. سزا جي جاءِ تي اصلاحي گفتگو، واضح اصول ۽ منصفاڻو رويو اسڪول کي وڌيڪ محفوظ ۽ سکيا لاءِ سازگار بڻائي سگهن ٿا.

مثبت اسڪول ڪلچر جو مطلب هرگز اهو ناهي ته شاگردن کان اميدون گهٽ ڪيون وڃن. حقيقت ۾ هڪ سٺو اسڪول هر ٻار کان اڳتي وڌڻ جي اميد رکي ٿو، پر ان سان گڏ کيس اڳتي وڌڻ لاءِ سهڪار پڻ فراهم ڪري ٿو. صرف پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد ئي ساراهه جو حقدار ناهي؛ جيڪو ٻار ڪالهه کان اڄ بهتر ٿيو آهي، ان جي ڪوشش به مڃتا جي مستحق آهي. تعليم جو مقصد صرف چند ٻارن کي اڳتي آڻڻ نه، پر هر ٻار کي پنهنجي صلاحيت مطابق اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏيڻ آهي. ساڳيءَ ريت استاد به اڪيلو تعليمي تبديلي نٿو آڻي سگهي. جيڪڏهن اسڪول ۾ استاد هڪ ٻئي کان سکڻ، گڏجي رٿابندي ڪرڻ، تجربا ونڊڻ ۽ مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جي روايت پيدا ڪن، ته تدريسي عمل ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي. هڪ مضبوط اسڪول اهو ناهي، جتي هڪ بهترين استاد موجود هجي؛ مضبوط اسڪول اهو آهي، جتي سڄو عملو گڏجي سکڻ ۽ بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.

هتي اسڪول جي قيادت جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو. پرنسپال يا هيڊ ٽيچر صرف انتظامي سربراهه نه، پر اسڪول جي ثقافت جو معمار هوندو آهي. سندس لهجو، فيصلن جو انداز، عملي سان ورتاءُ، شاگردن لاءِ سوچ ۽ استادن جي ڪوششن کي مڃتا ڏيڻ وارو رويو سڄي اداري تي اثرانداز ٿيندو آهي. جيڪڏهن قيادت احترام ۽ اعتماد جو ماحول پيدا ڪري ٿي ته اهو رويو آهستي آهستي سڄي اسڪول ۾ منتقل ٿيندو آهي.

ان کان علاوه شاگردن کي به صرف حڪمن تي هلندڙ فرد سمجهڻ بدران اسڪول ڪميونٽي جو حصو سمجهڻ گهرجي. سندن راءِ ٻڌڻ، شاگرد ڪائونسلون ٺاهڻ، سروي ڪرائڻ، اسيمبلين ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ ۽ اسڪول جي ڪجهه معاملن ۾ سندن تجويزن کي شامل ڪرڻ سان انهن ۾ ذميواري ۽ پنهنجائپ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. جنهن ٻار کي اهو احساس هجي ته ”هي اسڪول منهنجو به آهي“، اهو اسڪول سان وڌيڪ مضبوط تعلق قائم ڪندو. والدين جي شموليت پڻ ان سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. والدين کي صرف ان وقت ياد ڪرڻ، جڏهن ٻار جا نمبر گهٽ اچن يا ڪا شڪايت پيدا ٿئي، ڪافي ناهي. والدين سان مسلسل، عزت ڀريو ۽ ٻطرفو رابطو هجڻ گهرجي. خاندانن جي تجربن، ثقافت ۽ ڄاڻ کي اسڪول جي تعليمي عمل سان ڳنڍڻ سان اسڪول ۽ برادريءَ جي وچ ۾ فاصلو گهٽجي سگهي ٿو.

سنڌ جي تعليمي نظام ۾ اسان کي عمارتن، ڪتابن، نصاب، امتحاني نظام ۽ استادن جي تربيت سان گڏ اسڪول جي ماحول تي پڻ سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. ڇو ته هڪ ٻار جي تعليم صرف ان ڳالهه سان طئي نٿي ٿئي ته کيس ڪهڙو ڪتاب پڙهايو ويو، پر ان ڳالهه سان به طئي ٿئي ٿي ته اهو ڪتاب پڙهندي هو پاڻ کي ڪيترو محفوظ، عزت وارو ۽ متحرڪ محسوس ڪري رهيو هو.مثبت اسڪول ڪلچر لاءِ وڏي بجيٽ لازمي ناهي. اسڪول ڏينهن جي شروعات هڪ مختصر ۽ بامقصد گڏجاڻيءَ سان ڪري سگهن ٿا. شاگردن ۽ استادن جي ڪوششن کي ساراهي سگهجي ٿو. استادن لاءِ گڏيل رٿابنديءَ جو وقت مقرر ڪري سگهجي ٿو. سزا بدران اصلاح کي ترجيح ڏئي سگهجي ٿي. شاگردن ۽ والدين جون تجويزون ٻڌي سگهجن ٿيون. اسيمبلين، اطلاعي تختين ۽ اسڪول جي ٻين سرگرمين ذريعي احترام، سهڪار، محنت ۽ ذميواريءَ جهڙن قدرن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو.

استادن جي تربيت ڪندڙ ادارن لاءِ به اهو هڪ اهم پيغام آهي ته اسڪول ڪلچر کي تربيت جو ضمني موضوع نه، پر بنيادي پيشه ورانه صلاحيت سمجهيو وڃي. استاد کي رڳو مضمون پڙهائڻ نه، پر سکيا لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ به سيکارڻ ضروري آهي. ساڳيءَ طرح اسڪول سربراهن کي به قيادت، تعلقن جي تعمير، تڪرارن جي حل ۽ عملي جي حوصلا افزائيءَ بابت مسلسل تربيت ۽ سهڪار فراهم ٿيڻ گهرجي.

اسان کي اهڙا اسڪول گهرجن، جتي شاگرد رڳو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر سکڻ لاءِ اچن؛ جتي استاد رڳو حاضري پوري ڪرڻ لاءِ نه، پر پنهنجي پيشي تي فخر ڪندي ڪم ڪن؛ ۽ جتي والدين اسڪول کي رڳو پنهنجي ٻار جي نمبرن جي جاءِ نه، پر سماج جي مستقبل جي تعمير جو ادارو سمجهن. ڇو ته معياري تعليم جو روح رڳو ڪتابن، امتحانن ۽ نتيجن ۾ نه، پر ان ماحول ۾ به سمايل آهي، جتي هڪ ٻار کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته تون اهم آهين، تنهنجي ڳالهه ٻڌي ويندي، تنهنجي غلطي مان سکڻ جو حق آهي ۽ اسان کي تنهنجي صلاحيتن تي يقين آهي. اهڙو اسڪول ئي حقيقت ۾ معياري تعليم جو اسڪول آهي، ۽ اهڙو اسڪول ئي پنهنجي شاگردن سان گڏ پنهنجي سماج جو مستقبل به سنواري سگهي ٿو.

You might also like