ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشل جي ڀاءُ سني ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف جي ڀيڻ ازابيل ڪيف وچ ۾ ڊيٽنگ جا افواهه زور وٺي ويا آهن.
سني ڪوشل تازو ئي ترڪي ۾ موڪلون گذارڻ جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جن ۾ ڪجهه اهي ئي هنڌ ۽ مناظر ڏسڻ ۾ آيا جيڪي ازابيل ان کان اڳ پنهنجين پوسٽن ۾ شيئر ڪري چڪي هئي. مداحن جو ڌيان خاص طور تي هڪ ٻليءَ جي تصوير حاصل ڪيو جيڪا ٻنهي جي پوسٽن ۾ نظر آئي، جنهن کانپوءِ اهو سوال اٿڻ لڳو ته ڇا ٻئي ترڪي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ هئا؟
اهڙي اندازن کي ان وقت وڌيڪ هٿي ملي جڏهن ازابيل سني جي پوسٽ ۾ موجود هڪ ڪتاب تي ڪمينٽ ڪندي کيس بهترين ڪتاب تجويز ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
سوشل ميڊيا تي تصويرن کانپوءِ ٻنهي جي مبينا لاڳاپن تي بحث جاري آهي، پر سني ۽ ازابيل هن وقت تائين انهن ڊيٽنگ جي افواهن جي نه ئي تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪا ترديد ڪئي آهي.