سستو تيل ڪيئن ملندو؟ نه ملي ته ڇا ڪجي؟ مڪمل طريقو ڄاڻي وٺو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي پيٽرول رليف اسڪيم بابت ڪنهن به مسئلي جي شڪايت هاڻي ”پاڪ ايپ“ ذريعي سڌي ريت داخل ڪرائي سگهجي ٿي.
شڪايت ڪيئن داخل ڪرائجي؟
”پاڪ ايپ“ کوليو، ٻارڻ بابت شڪايت وارو اختيار چونڊيو، پنهنجي شڪايت جا تفصيل لکو، ٽوڪن جي تصوير لڳايو ۽ شڪايت جمع ڪرائي ڇڏيو.
ايپ ذريعي شڪايت جي موجودا حالت به ڄاڻي سگهجي ٿي.
اسڪيم تحت موٽرسائيڪل ۽ چنگچي مالڪن کي هر مهيني 20 ليٽر تائين پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين جي رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ هر مهيني 30 ليٽر پيٽرول جي حد مقرر ڪئي وئي آهي.
رعايتي پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ شهري موبائل پيغام ۾ ”آر اِي جِي“، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، گاڏي جو رجسٽرڊ نمبر، صوبي جي نالي جو پهريون اکر ۽ رجسٽريشن جي تاريخ لکي 9771 تي موڪلين.
رجسٽريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ موبائل تي تصديقي پيغام ملندو. پيٽرول پمپ وڃڻ کان اڳ 9771 تي ٽوڪ لکي پيغام موڪلڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ٽوڪن نمبر ملندو.
اهو ٽوڪن نمبر پيٽرول پمپ تي ڏيکارڻ کانپوءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو.
موبائل پيغام ۾ پيٽرول جي مقدار ۽ استعمال ڪرڻ جي آخري تاريخ بابت به ڄاڻ ڏني ويندي، جنهن موجب مقرر مدي اندر ٽوڪن ڏيکاري رعايتي اگهه تي پيٽرول وٺي سگهجي ٿو.

You might also like