واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو گڏيل قومن جي اجلاس جي موقعي تي نيو يارڪ آيل ايراني عملدارن سان ملاقات جي امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ايران سان اجلاس جي سائيڊ لائينز تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته في الحال ڪا ملاقات طئي ناهي، پر مثبت اڳڀرائي جي ئميد ۾ اهڙي ملاقات کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.