ايران وچ اوڀر ۾ بدمعاشي ڪندو هو، هاڻي نٿو ڪري سگهي، ماڻهن امن جون ڳالهيون ڪيون، مون امن قائم ڪيو: ڊونلڊ ٽرمپ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا اڄ اڳ کان گهڻو وڌيڪ مضبوط آهي، ملڪ جي فوج ۽ معيشت مضبوط آهن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن وقت دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي.
هن چيو ته آمريڪا اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان جو مستقبل روشن آهي. ماڻهن امن جون ڳالهيون ڪيون، پر مون امن قائم ڪيو.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران وچ اوڀر ۾ بدمعاشي ڪندو هو، پر هاڻي ائين نٿو ڪري سگهي.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي.

You might also like