ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته اردو ڳالهائيندڙن ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾ شرڪت نه ڪري ڄڻ ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو ته هو نئون صوبو نٿا چاهين.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو آهي، هاڻي وڌيڪ ڪهڙي وضاحت گهربل آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙن ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾ شرڪت نه ڪري واضح ڪري ڇڏيو ته اهي نئين صوبي جا خواهشمند ناهن.
ايم ڪيو ايم ريلي، اردو ڳالهائيندڙن پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته هو نئون صوبو نٿا چاهين: ناصر شاهه
You might also like