ٽرمپ جي ملاقات واري آڇ کانپوءِ روبيو جو به اهم بيان، ايران سان ڳالهين جا امڪان وڌي ويا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آ مريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي هو ايراني اختيارين سان ملاقات لاءِ تيار آهي.
مارڪو روبيو چيو ته هن وقت اهڙي ڪا ملاقات طئي ٿيل ناهي، پر جيڪڏهن ملاقات جو ڪو هاڪاري نتيجو نڪرڻ ۽ آخرڪار بنيادي مقصد حاصل ٿيڻ جو امڪان هجي ته آمريڪا اهڙي ملاقات لاءِ يقينن تيار آهي.
هن چيو ته آمريڪا جو موقف آهي ته ”ايران وٽ ڪڏهن به جوهري هٿيار نه هجڻ گهرجن.“
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سومر کان نيويارڪ ۾ موجود آهي، جڏهن ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان پڻ جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ لاءِ نيويارڪ پهچڻ وارو آهي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو هو مسعود پزشڪيان سان ملاقات لاءِ تيار آهي.

You might also like